سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جاري، ٽن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 78 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال جي آخري پوليو جي خاتمي واري مهم چوٿين ڏينهن به جاري رهي، مهم دوران ٽن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 78 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري تفصيل موجب پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 8 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا. …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال جي آخري پوليو جي خاتمي واري مهم چوٿين ڏينهن به جاري رهي، مهم دوران ٽن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 78 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري تفصيل موجب پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 8 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا. سنڌ ۾ 74 لک 18 هزار ٻارن، خيبرپختونخوا ۾ 61 لک 5 هزار کان وڌيڪ ٻارن، بلوچستان ۾ 21 لک 27هزار کان وڌيڪ ٻارن، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 4 لک 17 هزار کان وڌيڪ ٻارن، گلگت بلتستان ۾ 2 لک 56 هزار کان وڌيڪ ٻارن ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 لک 89 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا، سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم 15 کان 21 ڊسمبر تائين جاري رهندي.

مزید خبریں