وقتي سينٽ جي چيئرمين سيدال خان سان سوئي سدرن گيس ڪمپني لمٽيڊ جي مينجنگ ڊائريڪٽر جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد _ 18 سيٽمبر (اي پي پي ) سينٽ جي وقتي چيئرمين ، سيدال خان سوئي سدرن گيس ڪمپني لمٽيڊ (ايس ايس جي سي ) جي مينجنگ ڊائريڪٽر محمد امين راجپوت سان پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مينجنگ ڊائريڪٽر سوئي سدرن سينٽ جي وقتي چيئرمين کي سڄي ملڪ ، خاص طورتي بلوچستان  صوبي ۾ گيس جي طلب، فراهم، موجوده صورتحال ۽ درپيش چيلنجز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. …

اسلام آباد _ 18 سيٽمبر (اي پي پي ) سينٽ جي وقتي چيئرمين ، سيدال خان سوئي سدرن گيس ڪمپني لمٽيڊ (ايس ايس جي سي ) جي مينجنگ ڊائريڪٽر محمد امين راجپوت سان پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مينجنگ ڊائريڪٽر سوئي سدرن سينٽ جي وقتي چيئرمين کي سڄي ملڪ ، خاص طورتي بلوچستان  صوبي ۾ گيس جي طلب، فراهم، موجوده صورتحال ۽ درپيش چيلنجز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي سينٽ جي وقتي چيئرمين  سيدال خان  شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سياري جي موسم ۾ ملڪ جي مختلف حصن ، خاص ڪري خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي عوام کي گيس جي عدم فراهمي ۽ گهٽ پريشر جهڙن سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جن جو فوري طور تي اثرائتو حل تمام گهڻو ضروري آهي . هن چيو ته بلوچستان  جي علائقن  خاص ڪوئٽه ۽ ان جي پسگردائي وارن علائقن ۾ شديد ٿڌ دوران صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي . جتي سياري جي موسم جي شدت سبب ڪجهه علائقن ۾ گيس پائپ لائن جي ڦاٽڻ جا واقعا به سامهون آيا آهن، هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پيٽروليم مصنوعات  جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته سياري جي موسم ۾ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ  حڪومت طرفان واضع هدايتون  جاري ڪيون ويون آهن. هن زور ڏنو ته اها لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي ته حڪومتي حڪمن تي فوري طور تي  سنجيدگي سان عمل درآمد ڪن ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪري سگهجي.

مزید خبریں