اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد سميت مُلڪ جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم کي پنهنجي سڀني شهيدن تي فخر آهي، اسان جا بهادر پٽ پاڪستان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي دفاع جي ضمانت آهن. لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام …
وزيراعظم پاران لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد سميت مُلڪ جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد سميت مُلڪ جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم کي پنهنجي سڀني شهيدن تي فخر آهي، اسان جا بهادر پٽ پاڪستان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي دفاع جي ضمانت آهن. لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد 1971ع ۾ واگها-اٽاري سيڪٽر ۾ دشمن جي اڳڀرائي جو اهڙي بي مثال جرئت سان مقابلو ڪيو جو جنهن کي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد جهڙا بهادر پٽ پاڪستان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي دفاع جي ضمانت آهن. هن چيو ته 1971ع ۾ لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد پنهنجي همت، دليري ۽ بهادري سان ثابت ڪيو ته پوري قوم وطن جي دفاع لاءِ هڪ شيهي جي ديوار آهي. بزدل دشمن جي حملي ۾ زخمي ٿيڻ جي باوجود لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد جنگ جي ميدان ۾ دشمن جو مقابلو ڪري تاريخ لکي. سندس جنگ جي ميدان ۾ تاريخي بهادري ايندڙ نسلن لاءِ به مشعل راهه آهي.










