غلط معلومات اڄ جي دنيا جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا جو ذميدارڻو استعمال ضروري آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته غلط معلومات اڄ جي دنيا جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا جو ذميدارڻو استعمال ضروري آهي، مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي استعمال سان تخليقي ذهنن لاءِ نوڪرين جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، اسان کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجي ۾ توازن قائم ڪرڻو پوندو. هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته غلط معلومات اڄ جي دنيا جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا جو ذميدارڻو استعمال ضروري آهي، مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي استعمال سان تخليقي ذهنن لاءِ نوڪرين جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، اسان کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجي ۾ توازن قائم ڪرڻو پوندو. هن اهڙو اظهار خميس ڏينهن هتي نيشنل سائبر سيڪيورٽي جي پُڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سائبر سيڪيورٽي کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهريان آبادي جي حقيقتن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، جڏهن اسان پاڪستان جي سائبر اسپيس جو جائزو وٺون ٿا ته اتي 11 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ، 14 ڪروڙ 80 لک موبائل براڊ بينڊ استعمال ڪندڙ ۽ 7 ڪروڙ 90 لک کان وڌيڪ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ موجُود آهن. جيڪڏهن انهن آبادي جي حقيقتن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته ڊجيٽل سائبر اسپيس کي ٻن واضح درجن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. اهو هڪ دلچسپ رخ آهي ته سائبر اسپيس ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن، هڪ طبقو ڊجيٽل اميگريٽس جيڪي هن ارتقائي سفر جو حصو رهيا آهن جڏهن ته ٻيو ڊجيٽل نيٽيوز وارا آهن جيڪي هن نظام ۾ پيدا ٿيا ۽ وڏا ٿيا آهن. هن چيو ته ڊجيٽل نيٽيوز جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال هڪ قدرتي شيءِ آهي، جڏهن ته ڊجيٽل اميگريٽس اڃان تائين سوشل ميڊيا جي ذميدارڻي استعمال سان هم آهنگ ٿيڻ جي عمل ۾ آهن. هن چيو ته سائبر سيڪيورٽي آگاهي لاءِ ڪوبه هڪ جامع حل اهڙو نٿو ٿي سگهي جيڪو سڀني لاءِ هڪجهڙو اثرائتو هجي. مختلف طبقن تائين اثرائتي طور تي پهچڻ لاءِ مختلف ذريعا، مختلف طريقا ۽ مختلف سُڌارا اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ گذريل چئن ڏهاڪن دوران سائبر اسپيس تيز رفتار ارتقا ڏٺو آهي، تنهن هُوندي به ميڊيا جي منظرنامي جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته روايتي ميڊيا کان اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين آهستي آهستي منظم ۽ فطري ارتقائي عمل پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته روايتي ميڊيا، يعني پرنٽ ميڊيا، هڪ مڪمل ارتقائي عمل ذريعي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ تبديل ٿي. ان دوران ايڊيٽوريل جي نگراني موجُود هئي، ايڊيٽوريل بورڊن جو نظام هو ۽ 2000ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي وئي جنهن تحت هڪ باقاعده ريگيوليٽري فريم ورڪ متعارف ڪرايا ويا. هن چيو ته انهيءَ منظم عمل جي وسيلي ارتقا ممڪن ٿيو، پر بدقسمتي سان اليڪٽرانڪ ميڊيا کان ڊجيٽل ميڊيا تائين ٿيندڙ ٻيو ارتقا هڪ غير فطري عمل هو جنهن لاءِ ڪو به تيار نه هو. هي تبديلي اوچتو اسان جي سامهُون آئي ۽ اسان کي جهڙو مليو اهڙو اسان ان کي قبُول ڪيو. هن چيو ته جيئن ته اهو ارتقا تمام تيز رفتار سان وجُود ۾ آيو، ان لاءِ ان مرحلي تي مناسب ريگيوليٽري فريم ورڪ جي کوٽ رهي، آگاهي جي کوٽ ڏسڻ ۾ آئي ۽ ان جو مکيه سبب سوچ سمجهه جي کوٽ هئي، ڇاڪاڻ ته اسان کي سائبر اسپيس، سائبر سيڪيورٽي ۽ ان جي حقيقتن کي سمجهڻ ۾ گهڻو وقت لڳو. انهن عنصرن جي نتيجي ۾، ڊجيٽل خواندگي جي کوٽ ۽ ذميداراڻي رويي جي کوٽ پيدا ٿي ڇاڪاڻ ته هڪ ذميداراڻو رويو اختيار ڪرڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته اصل ۾ ذميداراڻو رويو هُوندو ڇا آهي. هن چيو ته سائبر سيڪيورٽي ۽ سوشل ميڊيا جو ذميداراڻواستعمال تمام گهڻو اهم آهي، اهو اسان جي دور جي سڀ کان وڏن چئلينجن مان هڪ آهي. هن چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ جڏهن عالمي اڳواڻن کان سوال ڪيو ويو ته اسان جي وقت جا سڀ کان وڏا چئلينج ڪهڙا آهن ته ڪنهن به ايٽمي جنگ ۽ موسمياتي تبديلي کي نه پر سڀني غلط معلومات ۽ جعلي خبرن کي سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏنو. هن چيو ته چيئرمين پي ٽي اي به اها نشاندهي ڪئي آهي ته صرف هڪ ڪلڪ سان اسان اڪثر ان ڳالهه جو پتو ناهيُون لڳائي سگهندا ته نتيجا ڪيترا تباهي ڪندڙ ۽ نقصانڪار ٿي سگهن ٿا. هن آسٽريليا جي سڊني ۾ بونڊي ساحل تي پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي مثال ڏنو ۽ چيو ته جيئن ئي اهو واقعو پيش آيو، سوشل ميڊيا تي جعلي خبرون ڦهلجي ويون ۽ حملي آور جو نالو ڏسي، ڊجيٽل اسپيس ۾ ڪجهه نام نهاد ذميدار ميڊيا ادارن فوري طور تي الزام هڻي ڇڏيو ته حملو ڪندڙ جو تعلق پاڪستان سان آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو پاڻ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، جيڪو اڄ به دهشتگردي جو نشانو آهي ۽ مسلسل دهشتگردن خلاف وڙهي رهيو آهي، ان جي باري ۾ بنا ڪنهن ثبوت ۽ بنا ڪنهن تصديق ٿيل معلومات جي اهڙي قسم جا الزام هڻڻ تمام افسوسناڪ آهي. هن چيو ته انهن دعوائن جي تائيد جي لاءِ نه ڪي ثبوت موجُود هُئا ۽ نه ئي ڪا قابل اعتماد معلومات موجُود هُئي، پر ان جي باوجُود اها ڳالهه بنا ڪنهن تحقيق جي پکيڙي وئي ۽ پوءِ مستند عالمي ميڊيا جي ادارن پڻ دعويٰ ڪري ڇڏي ته حملو ڪندڙ جو تعلق پاڪستان سان آهي. هن چيو ته پرڏيهي ميڊيا وٽ پنهنجي دعوائن جي حق ۾ ڪي به دستاويزي ثبوت يا ٺوس ثبوت موجُود نه هُئا. هن چيو ته هن خاص دعويٰ جا پاڪستان تي تمام گهڻا خراب اثر پيا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪوبه پاڪستاني آسٽريليا، يورپ يا آمريڪا ۾ ڪٿي به رهي ٿو ته اهو سڌو سنئون خطري ۾ اچي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته بنا ڪنهن ثبوت جي ٻاهرين ملڪ ۾ ٿيل حملي کي پاڪستان سان ڳنڍيو ويو. هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه 16 ڊسمبر تي ٿيو جڏهن پاڪستان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي قربانين کي ياد ڪري رهيو هو. هن چيو ته اهو هڪ عجيب تضاد آهي ته هڪ طرف اسان پنهنجن ٻارن کي خراج تحسين پيش ڪري رهيا هئاسين جن دهشتگردي سان وڙهندي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو، جڏهن ته ٻئي طرف ڪجهه نام نهاد ذميدار ميڊيائي ادارا سڄي دنيا ۾ جعلي خبرون پکيڙي رهيا هئا، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته حملو ڪندڙ جو تعلق پاڪستان سان آهي ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته ان کان پوءِ حالتُون ڪهڙي طرف هليُون ويُون. هن چيو ته بعد ۾ حملي آور جي سڃاڻپ، سندس پاسپورٽ، سفري دستاويز، ڀارتي پوليس جو بيان ۽ سندس طرفان جاري ڪيل پريس رليز سامهون آئي، جنهن کانپوءِ واقعن جو هڪ بلڪل مختلف سلسلو سامهون آيو. وفاقي وزير فيڪٽ چيڪنگ ٽُول iVerify جي واکاڻ ڪندي چيو ته ان مان هو اڪثر لاڀ پرائيندو آهي ۽ جڏهن به ڪنهن خبر جي تصديق جي ضرورت هوندي آهي ته معلومات کي iVerify ذريعي چيڪ ڪيو ويندو آهي ته جيئن جعلي خبرن کي مؤثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊجيٽل خواندگي ۽ آگاهي ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جڏهن ڪو ارتقائي عمل اوچتو ٿئي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي ڪمزوريون ۽ جهول پيدا ٿين ٿا جن کي ڀرڻ اڻٽر هُوندو آهي. هن چيو ته جڏهن پرنٽ ميڊيا کان اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين پهرين ارتقا جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ان عرصي دوران ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا ويا. هڪ وسيع ميدان ڪور ڪيو ويو ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ موجود هو، پر هن اوچتو ڊجيٽل انقلاب جي ڪري ايترو وڏو خال پيدا ٿيو آهي جنهن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ان لاءِ اهڙي قسم جي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي ۽ حڪومت ۽ وزارت ان مقصد لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهن. هن چيو ته ان سوچ تحت پاڪستان جو پهريون ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته جڏهن هن اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀاليو ته ان وقت ڪوبه باضابطه ڊجيٽل ڊپارٽمينٽ موجُود نه هو. هن چيو ته اسان پاڪستان جو پهريون ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ پنهنجو فيڪٽ چيڪنگ يونٽ موجُود آهي ۽ ميڊيا ادارن سان رابطا قائم ڪيا آهن ته جيئن جعلي خبرن جي تصديق ۽ انهن تي ضابطو آڻي سگهجي پر وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ٽڪ ٽاڪ جي قدمن کي سارهيو، جنهن اي آءِ ليبلنگ متعارف ڪرائي آهي ته جيئن صارف يا سبسڪرائبر ان ڳالهه کان آگاهه هُجي ته جيڪو مواد ڏٺو پيو وڃي اهو اي آءِ وسيلي تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو هڪ ننڍڙو قدم آهي جنهن کي ٻين سڀني پليٽ فارمن کي اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هن وقت اشتهار پڻ اي آءِ سان تيار ڪيا پيا وڃن، جنهن سان ڪيترائي پيشا متاثر ٿي رهيا آهن جهڙوڪ مواد ٺاهيندڙ، ڊائريڪٽر، گرافڪ ڊيزائنر ۽ اداڪار يعني اهڙن ماڻهن جو روزگار ختم ٿي رهيو آهي جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي. ان لاءِ ان ۾ توازن قائم ڪرڻ ضروري آهي ۽ آگاهي جي حوالي سان به ڪا هڪجهڙي پاليسي عمل جوڳي نه آهي. مختلف طبقن کي سوشل ميڊيا جي ضرورتن مُوجب آگاهه ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هر پليٽ فارم جا پنهنجا مخصوص استعمال آهن. هن چيو ته اهو هڪ وڏو چئلينج آهي پر هو پراميد آهن ته اڄ جهڙا پروگرام ۽ پي ٽي اي، يو اين ڊي پي ۽ پاڪستان جي حڪومت جي وابستگي سان صحيح حڪمت عملي ذريعي اسان هن چئلينج کي منهن ڏئي سگهون ٿا.

مزید خبریں