اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزير احد چيما ايم ايل ون منصوبي کي وقت سر پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان اهم سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مسلسل معاونت نهايت اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ ۽ اولهه ايشيا لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل لي گوٽريز سان ملاقات ۾ چئي. …
حڪومت ايم ايل ون رٿا کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، منصوبي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مسلسل معاونت نهايت اهميت رکندڙ آهي: وفاقي وزير احد چيما

مزید خبریں
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزير احد چيما ايم ايل ون منصوبي کي وقت سر پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان اهم سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مسلسل معاونت نهايت اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ ۽ اولهه ايشيا لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل لي گوٽريز سان ملاقات ۾ چئي. ان موقعي تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جا سينيئر عملدار به موجود هئا. ملاقات دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان جي ڀروسي واري ترقياتي ڀائيوار طور تي ڊگهي عرصي کان جاري پُختي حمايت کي ساراهيو. هن وفد کي حڪومت طرفان ڪُلي معيشت جي استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ ملڪ کي درپيش معاشي ڏُکيائين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جاري مالياتي استحڪام جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وفاقي وزير مين لائن ون (ايم ايل ون) منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ان اهم سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪ جي مسلسل معاونت نهايت اهم هوندي. هن ٻُڌايو ته وفاقي حڪومت ترقياتي وسيلن کي صوبائي حڪومتن سان ويجهي هم آهنگي ۾ اثرائتي انداز سان ڪتب آڻڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن ۾ ترقياتي ڀائيوارن جي معاونت شامل هوندي. وفاقي وزير وقت سر فنڊز جي جاري ٿيڻ کي يقيني بنائڻ جي حوالي سان حڪومت جي معاونت لاءِ عملدرآمد ۾ موجود رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ منصوبن جي تياري بهتر بنائڻ لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ عالمي بئنڪ جي گڏيل ڪوششن کي به ساراهيو. ڊائريڪٽر جنرل لي گوٽريز حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا جي تعريف ڪئي ۽ ڪُلي معيشت جي بحالي ۽ مالياتي استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن جو اعتراف ڪيو. هن ايم ايل ون منصوبي کي پاڪستان حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته بئنڪ ۽ حڪومتي ٽيمون ويجهن رابطن ۽ هم آهنگي سان ڪم ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ خاص ڪري پاڪستان ۾ بئنڪ جي ريزيڊنٽ مشن جي خدمتن ۽ ڪردار جي خاص تعريف ڪئي. ڌُرين پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن جي حمايت ۾ سهڪار ۽ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










