چين ۾ پاڪ بحريه جي چوٿين هنگور ڪلاس آبدوز غازي جي لانچنگ تقريب جو بندوبست

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه لاءِ چوٿين هنگور ڪلاس آبدوز غازي جي لانچنگ تقريب ووهان چين ۾ ووچانگ شپ بلڊنگ انڊسٽري گروپ ڪمپني لميٽيڊ شوانگليو بيس ۾ منعقد ٿي. غازي جي لانچنگ سان پاڪ بحريه هڪ اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي جتي چين ۾ تعمير هيٺ چارئي آبدوز هاڻ سخت سامونڊي آزمائشن جي مرحلي مان گذري رهيون آهن ۽ جلد پاڪستان جي حوالي ڪرڻ جي …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه لاءِ چوٿين هنگور ڪلاس آبدوز غازي جي لانچنگ تقريب ووهان چين ۾ ووچانگ شپ بلڊنگ انڊسٽري گروپ ڪمپني لميٽيڊ شوانگليو بيس ۾ منعقد ٿي. غازي جي لانچنگ سان پاڪ بحريه هڪ اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي جتي چين ۾ تعمير هيٺ چارئي آبدوز هاڻ سخت سامونڊي آزمائشن جي مرحلي مان گذري رهيون آهن ۽ جلد پاڪستان جي حوالي ڪرڻ جي آخري مرحلي ۾ آهن. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب پاڪستان حڪومت چين سان 8 هنگور ڪلاس آبدوزن کي حاصل ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. معاهدي تحت 4 آبدوز چين ۾ تعمير ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻيا چار پاڪستان ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس لميٽيڊ (ڪي ايس اينڊ ڊبليو) ۾ ٽرانسفر آف ٽيڪنالاجي (ٽي او ٽي) تحت تعمير ڪيون پيون وڃن. انهن آبدوزن کي جديد هٿيارن ۽ سينسرن سان ليس ڪيو ويندو جيڪي پري تائين هدفن کي نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. هنگور ڪلاس آبدوز خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪنديون. لانچنگ تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جيڪي ٻه طرفي گهري تعاون جو عملي مظهر آهن.

مزید خبریں