وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ڊفينس سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل جي ملاقات

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ڊفينس سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل محمد علي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاور ڊويزن جو سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم عرفان ۽ اين ايل سي جو ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل فرخ شهزاد به شريڪ هئا. ملاقات دوران وفاقي وزير محمد حنيف عباسي شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ريلوي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان رفتار، جدت ۽ …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ڊفينس سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل محمد علي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاور ڊويزن جو سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم عرفان ۽ اين ايل سي جو ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل فرخ شهزاد به شريڪ هئا. ملاقات دوران وفاقي وزير محمد حنيف عباسي شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ريلوي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان رفتار، جدت ۽ مربوط حڪمت عملي سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي سمورا سڌارا ۽ ترقياتي قدم وزيراعظم جي ويزن تحت ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پاڪستان جو پهريون سيف اينڊ سمارٽ ريلوي اسٽيشن راولپنڊي ۾ قائم ڪيو ويو آهي جتي اي آءِ تي ٻَڌل 24 ڪلاڪ مانيٽرنگ سسٽم فعال آهي ۽ 184 جديد ڪئميرائون لڳايون ويون آهن، جنهن سان سيڪيورٽي ۽ نگراني جي نظام کي اثرائتو بڻايو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته ڊجيٽلائزيشن جي عمل کي هٿي وٺرائيندي ريل ٽيگ متعارف ڪرايا ويا آهن، جنهن ذريعي ريلن ۽ رولنگ اسٽاڪ جي ريئل ٽائيم ٽريڪنگ ممڪن بڻائي پئي وڃي، جنهن سان آپريشنل شفافيت ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري ايندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ ۾ weigh bridge جو افتتاح ڪيو ويو جنهن ذريعي اوور لوڊنگ جي مسئلي تي ضابطو آندو پيو وڃي، ان قدم سان نه صرف پاڪستان ريلوي جي روينيو ۾ واڌ ٿيندي پر ريلوي ٽريڪس جي حفاظت ۽ ٽرين آپريشنز جي تحفظ کي به يقيني بڻائي سگهبو. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي جي وڏن ۽ اهم اسٽيشنن تي مفت واءِ فاءِ سهولت ذريعي تقريبن 70 سيڪڙو فٽ شارٽ فال کي ڪور ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪيس ليس ٽرانزيڪشن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف ريلوي اسٽيشنن تي اي ٽي ايم مشينون به لڳايون ويون آهن. وفاقي وزير مسافرن جي سهولت جي حوالي سان ٻُڌايو ته ڪيترين ئي ريلوي اسٽيشنن کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، ٽرينن ۾ بهترين آندي وئي آهي جڏهن ته مسافرن جي آرام ۽ سهولت لاءِ سي آءِ پي لانجز قائم ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه مسافرن جي سهولتن لاءِ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪيترائي قدم پڻ عمل ۾ آندا ويا آهن. ريلوي واري وزير چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان ايم ايل ون منصوبي جو معاهدو طئي ٿي چڪو آهي جنهن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هي منصوبو پاڪستان ريلوي کي جديد رُخن تي آڻن ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. ڊفينس سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل محمد علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وفاقي وزير طرفان کنيل سڌارن واري قدمن کي ساراهيندي پاڪستان جي مجموعي بهتري لاءِ سندس ڪوششن جي تعريف ڪئي. اعليٰ عملدارن ريلوي واري وزير جي ويزن، قيادت ۽ سڌارن واري ايجنڊا تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ادارا جاتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ مستقبل ۾ گڏيل رابطن ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن وزيراعطم جي ويزن موجب قومي ترقي ۽ عوامي مفاد جا هدف اثرائتي انداز ۾ حاصل ڪري سگهجن.

مزید خبریں