اسلام آباد - 17 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ميڊيڪ گيلريا انٽرنيشنل ۽ زڪوات فائونڊيشن جي حصيداري سان پنهنجي مسيحي ميمبرن ۽ انهن جي فيمليز جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ ڪرسمس فيملي گالا منعقد ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خاص مهمان هو جڏهن ته ميڊيڪ گيلريا جي سي اي او منصور شفيق، زڪوات فائونڊيشن آف آمريڪا جي پاڪستان ۾ …
نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد پاران ميڊيڪ گيلريا انٽرنيشنل ۽ زڪوات فائونڊيشن جي حصيداري سان ڪرسمس فيملي گالا منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ميڊيڪ گيلريا انٽرنيشنل ۽ زڪوات فائونڊيشن جي حصيداري سان پنهنجي مسيحي ميمبرن ۽ انهن جي فيمليز جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ ڪرسمس فيملي گالا منعقد ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خاص مهمان هو جڏهن ته ميڊيڪ گيلريا جي سي اي او منصور شفيق، زڪوات فائونڊيشن آف آمريڪا جي پاڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر فضل الرحمان، پنجاب اسيمبلي ميمبر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جي ڪوآرڊينيٽر شازيه رضوان، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي فوڪل پرسن ۽ اڳوڻي ڊپٽي ميئر اسلام آباد سيد ذيشان علي نقوي، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ايم ڊي اي پي پي عاصم کچي، ڊي آءِ جي آپريشنز جواد طارق، شڪاگو چيمبر آف ڪامرس جي صدر نويد انور، اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس جي صدر سردار طاهر محمود، پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ، اين پي سي جي صدر اظهر جتوئي، سيڪريٽري نيئر علي، آر آءِ يو جي جي صدر طارق علي ورڪ، اين پي سي جي نائب صدر سيد ظفر هاشمي، اين پي سي جي گورننگ باڊي جي ميمبرن سميت مسيحي ميمبرن ۽ انهن جي فيمليز جي وڏي انگ شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. تقريب ۾ مسيحي ميمبرن جي فيمليز ۽ ٻارن ۾ ڪرسمس جا تحفا ورهايا ويا، ان موقعي تي ڪرسمس ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو، ميمبرن ۽ انهن جي فيمليز جي لاءِ پرتڪلف ڊنر جو پڻ اهتمام ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته اين پي سي پنهنجي مسيحي ميمبرن ۽ انهن جي فيمليز جي خوشين ۾ شريڪ آهي، هي تقريب انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، اين پي سي جي صدر اظهر جتوئي ۽ آر آءِ يو جي جي صدر طارق علي ورڪ مهمانن جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته مسيحي اسان جا ڀائر آهن، ڪرسمس جو تهوار اسان جي لاءِ به خوشين جو سبب آهي. سيڪريٽري نيئر علي چيو ته اين پي سي جي اها روايت آهي ته هو پنهنجي ميمبرن جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ ۾ ڪو به تهوار هجي ان کي ملهائڻ جو خاص اهتمام ڪري ٿو. ميڊيڪ گيلريا انٽرنيشنل جي سي اي او منصور شفيق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جو پروگرام انتهائي شاندار آهي، اسان جي ادارن ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي مسيحي برادري جا ماڻهو خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، پاڪستان جي وقار کي دنيا ۾ بلند ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، نيشنل پريس ڪلب سان گڏجي اڳتي به اهڙي طرح جا پروگرام ڪندا رهنداسين. زڪوات فائونڊيسن آف آمريڪا جي پاڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر فضل الرحمان چيو ته امن پسند ماڻهو ٻين مذهبن جي امن پسند ماڻهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلن، بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان نيشنل پريس ڪلب جو هي ايونٽ بي مثال آهي، نيشنل پريس ڪلب کي جڏهن به اسان جي ضرورت هجي ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي. پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جي ڪوآرڊينيٽر شازيه ر ضوان سموري مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مسيحي ڀائرن جي خوشين ۾ شريڪ آهيون، اين پي سي جي قيادت کي اهڙو شاندار پروگرام منعقد ڪرائڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي فوڪل پرسن ۽ اڳوڻي ڊپٽي ميئر اسلام آباد سيد ذيشان علي نقوي چيو ته ڪو به تهوار هجي نيشنل پريس ڪلب ان کي وڏي شوق سان ملهائي ٿو، دعا آهي ته اين پي سي جون اهي بهارون سدائين قائم رهن. شڪاگو چيمبر جي صدر نويد انور چيو ته اهڙا تهوار امن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪرسچن جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي صدر ناصر سليم ۽ عقيل انجم مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اين پي سي جي قيادت جا ٿورائتا آهيون جو انهن مسيحي صحافين ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ اهڙو شاندار پروگرام منعقد ڪيو.










