اقليتن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اقليتي برادري ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ بين المذاهب هم آهنگي کي مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اقليتي برادري ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، مسلمانن ۽ مسيحن جي گڏيل اخلاقي ۽ انساني قدرن کي اجاگر ڪري قومي يڪجهتي کي …

اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ بين المذاهب هم آهنگي کي مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اقليتي برادري ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، مسلمانن ۽ مسيحن جي گڏيل اخلاقي ۽ انساني قدرن کي اجاگر ڪري قومي يڪجهتي کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه هن نيشنل پريس ڪلب ۾ منعقد ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مسيحي برادري پاران پاڪستان جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ شاندار خدمتن کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي گڏيل رخن کي اجاگر ڪري هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي پنهنجو پيغمبر مڃون ٿا، اڄ به جڏهن اسان حضرت مريم عليه السلام جو واقعو پڙهون ٿا ته اسان جون اکيون روئڻهارڪيون ٿي وڃن ٿيون، اسان ان جي امن ۽ رحمت جي تعليم مان سبق حاصل ڪريون ٿا. هن چيو ته اهي گڏيل قدر آهن جن کي اسان مڃون ٿا.

هن چيو ته هي ملڪ امن جو گهوارو آهي، گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي جوان هارون وليم شهادت ماڻي، سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته جڏهن شهيد جو جسد خاڪي سائي جهنڊي ۾ اچي ٿو ته رنگ، نسل ۽ مذهب کان هٽي ڪري ان جي عزت ۽ تڪريم ٿئي ٿي، جيڪي خدمتون ۽ قربانيون مسيحي برادري پاڪستان جي لاءِ ڏنيون آهن اهي سدائين ياد رکيون وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير 25 ڊسمبر جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته هي ڏينهن نه رڳو ڪرسمس پر باني پاڪستان محمد علي جناح جي سالگرهه جو پڻ موقعو آهي. هن اعلان ڪيو ته اطلاعات واري وزارت ان موقعي تي ٿيندڙ تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي. هن نيشنل پريس ڪلب جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گذريل ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي چونڊ تڪ ۾ ڪرسمس بازار لڳائي هئي ۽ هن هفتي به ٻه ڪرسمس بازار لڳايون وينديون. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي گادي واري شهر ۾ به ان تي عمل ڪيو وڃي، جڏهن رمضان بازار لڳي ٿو ته ڪرسمس بازار به لڳڻ گهرجي. هن چيو ته ڪرسمس امن جو پيغام آهي، پوري دنيا ۾ مسيحي برادري ڪرسمس تهوار ملهائي ٿي. پاڪستان حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت ڪرسمس جي خوشين ۾ مسيحي برادري سان گڏ آهي. وفاقي وزير چيو ته پريس ڪلب ۾ به هڪ ميلو منعقد ڪيو وڃي جنهن سان نه رڳو عوام لطف اندوز ٿئي پر ميڊيا ۾ به ان جي رونق ٿيندي. هن پاڪستان ۾ مسيحي تعليمي نظام کي ساراهيندي فارمن ڪرسچن ڪاليج جي اڳوڻن شاگردن جو ذڪر ڪيو جن اتان تعليم حاصل ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته انهن ادارن جي عظمت ٻيهر بحال ٿيندي ۽ ان جي لاءِ مسيحي بورڊ آف ڊائريڪٽرز مقرر ڪيا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي نيشنل پريس ڪلب جي نمائندن ۽ ٻين خطاب ڪندڙن چيو ته ملڪي ترقي ۾ شريڪ مسيحي برادري جي لاءِ ڪرسمس جي موقعي تي پريس ڪلب جي روايت کي برقرار رکندي تقريب منعقد ڪئي آهي. هنن چيو ته پروگرام جو مقصد مسيحي برادري جي خوشين ۾ شرڪت سان گڏوگڏ پاڪستان جي لاءِ انهن جي قربانين کي عوام کان روشناس ڪرائڻ آهي. تقريب ۾ ٻارن ڪرسمس جي حوالي سان گيت ۽ پرفارمنسز پڻ پيش ڪيون. تقريب جي پڄاڻي تي اطلاعات واري وزير کي مسيحي برادري جي لاءِ خصوصي قدمن تي شيلڊ پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ موجود ٻين شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي فيلڊ ۾ اڻٿڪ خدمتن تي شيلڊز پيش ڪيون ويون. تقريب ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي سميت صحافين جو وڏو انگ موجود هو. ان موقعي تي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

مزید خبریں