معرڪه حق ۾ پاڪ فوج جو زوردار مُڪو مودي سرڪار کي ڪڏهن به نه وسرندو، شهيدن جي عزت ۽ تڪريم اسان جو فرض آهي جيڪڏهن ڪير انهن جي مذاق اڏائي ۽ توهين ڪري ته نه دنيا ۾ ان کي عزت ملندي نه الله معاف ڪندو: وزيراعظم شهباز شريف

هريپور - 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معرڪه حق ۾ پاڪ فوج جو زوردار مُڪو مودي سرڪار کي ڪڏهن به نه وسرندو، شهيدن جي عزت ۽ تڪريم اسان جو فرض آهي جيڪڏهن ڪير انهن جي مذاق اڏائي ۽ توهين ڪري ته نه دنيا ۾ ان کي عزت ملندي نه الله معاف ڪندو، نوجوان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، مصنوعي ذهانت …

هريپور – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معرڪه حق ۾ پاڪ فوج جو زوردار مُڪو مودي سرڪار کي ڪڏهن به نه وسرندو، شهيدن جي عزت ۽ تڪريم اسان جو فرض آهي جيڪڏهن ڪير انهن جي مذاق اڏائي ۽ توهين ڪري ته نه دنيا ۾ ان کي عزت ملندي نه الله معاف ڪندو، نوجوان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن، مصنوعي ذهانت جي تربيت جي لاءِ نوجوانن کي چين ۽ يورپ موڪليو ويندو، معيشت لوڏن مان نڪري آئي آهي، ملڪ ڊيفالٽ کان بچي ويو آهي، هاڻي گروٿ طرف وڌڻو آهي، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر جو دارومدار سمورن صوبن تي آهي، چار ئي صوبا گڏجي ترقي ڪندا ته پاڪستان عظيم ملڪ بڻجندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار يونيورسٽي آف هريپور ۾ پرائيم منسٽر ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بابر نواز خان پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت تي دلي خوشي ٿي رهي آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام تمام بهادر ۽ غيرتمند آهي، انهن دهشتگردي جي خلاف عظيم قربانيون ڏنيون آهن، ان سان گڏوگڏ پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي عظيم قربانين جي ڪري پاڪستان قائم آهي، تاريخ انهن عظيم قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي، قيامت تائين انهن عظيم قربانين کي سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ عظيم ٻار ۽ ٻارڙيون، انهن جا والدين ۽ استاد مبارڪباد جا مستحق آهن، اهي هوشيار شاگرد ۽ شاگرديانيون قوم جا هيروز آهن جيڪي قوم جا عظيم معمار بڻجڻ وڃي رهيا آهن ۽ يقيني طور پاڪستان جي تقدير جي ڪُنجي انهن جي هٿ ۾ آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت ملڪ جي نوجوان نسل آهي. وزيراعظم چيو ته چين مان ميرٽ تي هڪ هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون زرعي شعبي جي اعليٰ تربيت حاصل ڪري آيا آهن، جڏهن آئون خادم اعليٰ پنجاب هئس ته 600 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چيني زبان سکڻ جي لاءِ سرڪاري خرچ تي چين موڪليو هو ۽ رڳو پنجاب جا ٻار ۽ ٻارڙيون ئي اهڙن پروگرامن ۾ شامل نه ٿيندا هئا پر پوري ملڪ جي ڪوٽا مقرر ڪئي وئي هئي ۽ انهن کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ۽ وظيفا ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، سڄي ملڪ مان پنجاب ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ اسڪيم مان فائدو کڻندڙ لکين ٻار ۽ ٻارڙيون الحمدالله ڊاڪٽرز، انجنيئرز، ليڪچررز ۽ ٽيچرز بڻجي ويا آهن ۽ ان ۾ پوري ملڪ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ڪوٽا مقرر ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر ڪنهن هڪ يا ٻن صوبن تي نه آهي پر چار ئي صوبا گڏجي جڏهن ترقي ڪندا ته پاڪستان عظيم ملڪ بڻجندو، اهو ڪم انشاءَ الله محنت ۽ امانت، ديانت، ڀائيچاري ۽ اتحاد ۽ اتفاق سان ٿيندو. وزيراعظم چيو ته معرڪه حق ۾ 6 ۽ 10 مئي دوران ڀارت کي پاڪ فوج جو زوردار مُڪو پيو، قوم جي دعائن سان مودي سرڪار کي اهو سبق سيکاريو ويو جيڪو ان کي ڪڏهن به نه وسرندو، الله تعاليٰ قوم کي عظيم فتح نصيب ڪئي جنهن سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ تڪريم ۾ اضافو ٿيو آهي، ليپ ٽاپ مان ڪوويڊ دوران نوجوانن ڀرپور فائدو کنيو، ليپ ٽاپ اسڪيم جي ڪري مون تي تنقيد ڪئي وئي پر منهنجو ضمير مطئن هو ڇو ته 6 لک ليپ ٽاپ مڪمل شفافيت سان ميرٽ تي ورهايا ويا آهن، ڪوويڊ ۾ عظيم ٻار ۽ ٻارڙيون نه رڳو انهي ليپ ٽاپ سان تعليم حاصل ڪندا رهيا پر هزارين ٻار ۽ ٻارڙيون پنهنجي آمدني ڪمائي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته مصنوعي ذهانت جي تربيت جي لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چين ۽ يورپ موڪليو ويندو، معيشت لوڏن مان نڪري آئي آهي، ملڪ ڊيفالٽ کان بچي ويو آهي، هاڻي معيشت ميڪرو ليول تي مستحڪم آهي، گروٿ طرف وڌڻو آهي، انڊسٽري، زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، ملازمت جا موقعا، ايمپلائمنٽ پروڊڪٽيوٽي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. وفاقي حڪومت، صوبائي  حڪومتون ۽ عوام گڏجي جيڪڏهن فيصلو ڪري وٺن ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو ۽ پاڪستان معاشي طور تي عالمي دنيا ۾ انهي مقام تي پهچندو جنهن تي اسان عسڪري طور تي پهتا آهيون پر اهو ڪم جادو ٽوڻي سان نه ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙن ۾ شهيدن جا فرزند پڻ شامل آهن جن پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري ڇڏيو پر قوم جي لکين فرزندن ۽ ڌيئرن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو. قوم جي لاءِ ان کان وڏي قرباني دنيا ۾ ٻي ڪا نه ٿي ٿي سگهي، شهيدن جي عزت ۽ تڪريم اسان جو فرض آهي ۽ جيڪڏهن ڪير انهن جو مذاق اڏائي ۽ توهين ڪري ته نه دنيا ۾ ان کي عزت ملندي نه الله تعاليٰ معاف ڪندو. وزيراعظم چيو ته اڄ ملڪ کي چئلينجز درپيش آهن، جيڪڏهن سڀ اتحاد جو مظاهرو ڪن ته پاڪستان معاشي ۽ سماجي لحاظ کان دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري وٺندو. وزيراعظم هريپور جي ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي قومي اسيمبلي ميمبر بابر نواز خان، ڪيپٽن (ر) محمد صفدر ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي مبارڪباد ڏني، هريپور ۾ دانش اسڪول جي قيام، شاگردن جي لاءِ جدا ڪئمپس قائم ڪرڻ ۽ عوام جي پراڻي مطالبي تي پُل جي تعمير جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعطم چيو ته هو پلاٽ ڪريسي تي يقين نه ٿو رکي، پلاٽن جي حوالي سان جن جو حق هوندو انهن کي ملندو، ان جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا شفافيت سان فيصلا ڪندي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته وزيراعظم ميرٽ جي بالادستي تي يقين رکي ٿو، سندس هڪ ئي پيغام آهي ته قابليت کي ترجيح ڏئي ميرٽ کي مٿانهون رکيو وڃي، وزيراعظم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سمورا صوبا هڪ جهڙي ترقي ڪندا ته ملڪ خوشحال ٿيندو. قومي اسيمبلي ميمبر بابر نواز خان چيو ته نوجوانن جو مستقبل شاندار آهي، نوجوانن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي وزيراعظم جو ويزن آهي، هريپور جي عوام وزيراعظم شهباز شريف طرف ڏسي رهي آهي، اسان جو علائقو بنيادي سهولتن کان محروم آهي، هريپور يونيورسٽي ۾ عورتن جي لاءِ جدا ڪئمپس جو پڻ اعلان ٿيڻ گهرجي. ڪشمير ۽ گلگت بتلستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته دنيا اعتراف ڪري رهي آهي ته پاڪستان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، ليپ ٽاپ اسڪيم تحت شفافيت تحت ميرٽ تي ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن، هريپور جي عوام کي دانش اسڪول جو تحفو پڻ ملڻ گهرجي. ان کان اڳ وزيراعظم هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا. ان موقعي تي ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين غالب حسن، ماهم بتول، وريشه ايمان ۽ ايمل عباس پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ليپ ٽاپ ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پيار ڪيو. ان موقعي تي خبيرپختونخواهه پوليس جي دستي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو.

مزید خبریں