نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد محمد حسين سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 17 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد محمد حسين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عراق جي ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت …

اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد محمد حسين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ عراق جي ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جي فروغ سان گڏوگڏ عوامي سطح تي رابطن کي مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں