اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ڪويت جي ناڻي ۽ تجديد جوڳي توانائي واري وزير ۽ ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر صبح المخيزيم سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ٻه طرفن ويجهن ۽ تاريخي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ٻنهي وزيرن ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهرن …
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي ڪويت جي ناڻي واري وزير ۽ ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ڪويت جي ناڻي ۽ تجديد جوڳي توانائي واري وزير ۽ ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر صبح المخيزيم سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ٻه طرفن ويجهن ۽ تاريخي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ٻنهي وزيرن ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهرن تاريخي رابطن تي زور ڀريو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايندڙ مرحلي ۾ توانائي، سيڙپڪاري ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي اثرائتو بنائڻ جي طريقيڪار تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر صبيح المخيزيم چيو ته ڪويت جو پاڪستان ۾ نمايان سيڙپڪاري پورٽ فوليو موجود آهي ۽ ڪويت پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاريءَ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. هن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي پاڪستان ۾ نئين سيڙپڪاري جا موقعا تلاش ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ٻه طرفي سيڙپڪاريءَ جو دائره ڪار کي وسعت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي معيشت تي ڪويت جي مسلسل اعتماد جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت جي پرڏيهي سيڙپڪاري خاص ڪري توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير ميزان بئنڪ پاڪستان جي چيئرمين رياض الادريسي سان به ڌار ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن ميزان بئنڪ جي مضبوط ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيوته ان طرح جون ڪاميابيون پرڏيهي سيڙپڪاري جي مثالي پاڪستان جي مالياتي شعبي ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ هٿي ڏين ٿيون. هڪ ٻي ملاقات ۾ وفاقي وزير ڪويت فنڊ فار اڪنامڪ ڊولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل وليد شملان احمد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ترقياتي فنڊنگ ۾ واڌ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصاديءَ جي رٿائن ۾ سهڪار کي مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه وفاقي وزير ڪويت انويسٽمينٽ اٿارٽي جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا تلاش ڪرڻ، پاڪستان ۽ ڪي آءِ اي وچ ۾ اداره جاتي سهڪار کي مضبوط بنائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير ڪويت ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪئي. هن اوورسيز پاڪستانين کي ملڪ جو قيمتي اثاثو قرار ڏيندي پاڪستان جي معيشت، سيڙپڪاريءَ جي ماحول ۽ ٻه طرفي ناتن ۾ سندن ڪردار کي ساراهيو. ترجمان موجب اهي ملاقاتون پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ان گڏيل عزم جي عڪاسي آهن ته ٻئي ملڪ پنهنجي اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ گهرو ڪندا ۽ پائيدار ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيندا.










