اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل 20 گيگاواٽ صاف توانائي طرف منتقلي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ان نمايان اڳڀرائيءَ باوجود نه ته صاف توانائيءَ لاءِ مخصوص فنانسنگ فراهم ڪئي وئي ۽ نه ئي بجلي جي نظام (گرڊ) کي مستحڪم رکڻ لاءِ مالي وسيلا فراهم ڪيا ويا. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اهڙن خيالن جو …
وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل 20 گيگاواٽ صاف توانائي طرف منتقلي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ان نمايان اڳڀرائيءَ باوجود نه ته صاف توانائيءَ لاءِ مخصوص فنانسنگ فراهم ڪئي وئي ۽ نه ئي بجلي جي نظام (گرڊ) کي مستحڪم رکڻ لاءِ مالي وسيلا فراهم ڪيا ويا. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي قيادت سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشيا ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ليه گٽيريس ڪئي. وفاقي وزير بجلي جي شعبي کي درپيش اهم چئلينجز کان وفد کي آگاهه ڪيو. هن فنڊنگ جي ڏُکيائين، رپين جي ڪور بابت مسئلن ۽ ابتدائي مرحلي ۾ وڌيڪ خرچن جي نشاندهي ڪئي. هن ٻُڌايو ته حڪومت بزنس ڪائونسل ذريعي پاور ٽرانسميشن سيڪٽر ۾ نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ مارڪيٽ ۾ اعتماد وڌائڻ لاءِ مقامي سيرپڪارن سان رابطي ۾ آهي. پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن تي روشني وجهندي وفاقي وزير، آءِ جي سي اي پي تحت جاري ٽرانسميشن منصوبن ۾ اڳڀرائي کان وفد کي آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته مستقبل ۾ کپت ۾ ايندڙ واڌو بجلي جي پيداواري صلاحيت نظام مان ڪڍي وئي آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت وڌيڪ بجلي جي خريداري نه ڪندي ۽ چٽاڀيٽي بجلي مارڪيٽ طرف اڳڀرائي جاري آهي. هن چيو ته محدود وسيلن باوجود تجديد جوڳي توانائيءَ طرف سفر جاري رهيو، جڏهن ته گرڊ جي استحڪام لاءِ مناسب ۽ وقت سر مالي معاونت ضروري آهي. وفاقي وزير بجلي جي طلب ۾ واڌ ۽ نجي شعبي جي وڌيڪ استعمال لاءِ متعارف ڪيل انرجي سرپلس پيڪيج جي تفصيلن کان به وفد کي آگاهه ڪيو. هن قرضن جي ادائگي ۽ نجي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ لاءِ اي ڊي بي جي سهڪار تي زور ڀريو. هن ٻُڌايو ته نجي سيڙپڪارن لاءِ فزيبلٽي رپورٽ جلد پيش ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سمارٽ ميٽرز لڳائڻ نجي شعبي جي شموليت سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت ڪئي ويندي جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي انضام ۽ نظام جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ليه گٽيريس چيو ته موجوده عهدي تي سندس پاڪستان جو پهريون دؤرو آهي. هن پاور ڊويزن سان خيالن جي ڏي وٺ کي ساراهيندي سمارٽ ميٽرنگ رٿائن ۾ سهڪار ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ ٽيڪنالاجي جي انضمام ۾ اي ڊي بي جي مهارت کي اجاگر ڪيو. هن انٽيگريٽڊ انرجي پلان جي حمايت ۽ پي پي پي فريم ورڪ تحت عارضي صلاحڪار طور تي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هن ٻُڌايو ته اي ڊي بي جي سوورين ۽ نان سوورين آپريشنز هڪ ئي پليٽ فارم تحت ڪم ڪن ٿا جنهن سان جامع ۽ مڪمل حل فراهم ڪري سگهجن ٿا. وفاقي وزير بجلي جي شعبي ۾ سڌارن دوران اي ڊي بي جي مسلسل سهڪار ۽ ڀائيواريءَ جو ٿورو مڃيو ۽ ان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو.










