اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي يارهين ورسي جي موقعي تي خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تفصيل موجب تقريب جو بندوبست آرمي پبلڪ اسڪول وارسڪ روڊ ۾ قائم شهيدن جي يادگار تي ڪيو ويو. سانحي جي غازين يعني حادثي وقت اسڪول ۾ موجود شاگردن منعقد تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ياد رهي ته اي پي ايس پشاور سانحي جا ڪيترائي غازي شاگرد هاڻي پاڪ …
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي يارهين ورسي جي خاص تقريب منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي يارهين ورسي جي موقعي تي خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تفصيل موجب تقريب جو بندوبست آرمي پبلڪ اسڪول وارسڪ روڊ ۾ قائم شهيدن جي يادگار تي ڪيو ويو. سانحي جي غازين يعني حادثي وقت اسڪول ۾ موجود شاگردن منعقد تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ياد رهي ته اي پي ايس پشاور سانحي جا ڪيترائي غازي شاگرد هاڻي پاڪ فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. غازين ۾ پاڪ فوج جي انهن آفيسرن به خاص شرڪت ڪئي، جيڪي اي پي ايس پشاور جي اڳوڻا شاگرد رهي چڪا آهن. تقريب ۾ غازين سان گڏ شهيدن جي وارثن، استادن، شاگردن ۽ اعليٰ فوجي اختيارين شرڪت ڪئي. ٻارن پاران پيش ڪيل ٽيبلوز ۾ شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. شهيدن جي وارثن يارهين ورسي تي فتنه الخوارج خلاف جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي غازي اي پي ايس ڪيپٽن باطور خٽڪ جو چوڻ هو ته اي پي ايس سانحي منهنجي پوري زندگي جو رخ بدلائي ڇڏيو ۽ پوءِ 16 ڊسمبر 2014ع تي اهو عهد ڪيو ته شهيدن جي ڪهاڻي مون تي ختم نه ٿيندي، انهي لاءِ پاڪ فوج جي بامقصد طور چونڊ ڪئي. ڪيپٽن حرا چيو ته اي پي ايس جي شهيد حيات الله جي ڀيڻ هئڻ تي اڄ به مون کي فخر آهي، شهادت واري ڏهاڙي کان ئي اهو واعدو ڪيو هو ته سندس آرمي آفيسر بڻجڻ وارو خواب مان پورو ڪندس. شهيد جي والده چيو ته اڄ جو ڏينهن تمام وڏو ڏينهن آهي، جنهن کي اسان ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين. شهيد جي والده جو اهو به چوڻ هو ته اسان انهن سمورن شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا جن مادر وطن لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. والد ڀرپور عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ سر زمين جي حفاظت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اي پي ايس جي شاگردن 16 ڊسمبر کي رڳو هڪ تاريخ نه پر قومي ترقي جو اهو عهد قرار ڏيندي چيو ته اسان دشمن کان ڊڄون نٿا، اسان علم جا سپاهي آهيون ۽ هر قدم تي شهيدن جي قرباني ياد رکنداسين، ملڪي دفاع ۽ سلامتي لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ ۽ اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي پوري قوم جو سلام پيش ڪيون ٿا.










