افغان طالبان رجيم جي سرپرستي ۾ دهشتگردي، برطانوي حڪومت جو افغانستان لاءِ ٽريول الرٽ جاري

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) افغان طالبان رجيم جي سرپرستي ۾ دهشتگرد تنظيمن  ۽ خطي جي بگڙجندڙ سيڪيورٽي صورتحال عالمي برادري کي خبردار ڪيو آهي،  افغان طالبان رجيم کي رڳو خطي  لاءِ نه پر عالمي امن لاءِ به خطرو قرار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب برطانيه جي پرڏيهي آفيس افغانستان جي بدترين سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي برطانوي شهرين کي خبردار ڪيو آهي. افغان رسالي  جي تازي انڪشاف موجب …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) افغان طالبان رجيم جي سرپرستي ۾ دهشتگرد تنظيمن  ۽ خطي جي بگڙجندڙ سيڪيورٽي صورتحال عالمي برادري کي خبردار ڪيو آهي،  افغان طالبان رجيم کي رڳو خطي  لاءِ نه پر عالمي امن لاءِ به خطرو قرار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب برطانيه جي پرڏيهي آفيس افغانستان جي بدترين سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي برطانوي شهرين کي خبردار ڪيو آهي. افغان رسالي  جي تازي انڪشاف موجب برطانوي حڪومت سيڪيورٽي خدشن سبب پنهنجي شهرين کي افغانستان جو سفر نه ڪرڻ جي سخت هدايت جاري ڪئي آهي. برطانوي پرڏيهي آفيس جي جاري ڪيل سفري هدايتن ۾ پرتشدد واقعن ۾ مسلسل اضافي ۽ سڄي ملڪ ۾ خطرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. برطانوي حڪومت ڪيترين ئي سرحدي گذرگاهن جي بند هئڻ سبب سفر انتهائي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. برطانوي پرڏيهي آفيس خبردار ڪيو آهي، ته برطانوي شهرين کي افغانستان ۾ گرفتاري ۽ ڊگهي قيد کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ياد رهي ته افغان طالبان رجيم جي سرپرستي ۾ فتنه الخوارج خطي ۾ عدم استحڪام ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب عالمي سلامتي لاءِ چئلينج بڻجي چڪا آهن.