اسلام آباد -17 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ پهرين گڏيل ثقافتي ميلي جي افتتاحي تقريب خميس 18 ڊسمبر تي ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي جنهن ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي تعاون جي هڪ نئين باب جي شروعات ٿيندي. پاڪ تاجڪ ثقافتي ميلو 19 کان 20 ڊسمبر (جمعي ۽ ڇنڇر) تي لوڪ ورثه اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو جنهن جو بندوبست نيشنل انسٽيٽيوٽ آف …
پاڪ- تاجڪ ثقافتي ميلي جي افتتاحي تقريب خميس تي ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندي
اسلام آباد -17 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ پهرين گڏيل ثقافتي ميلي جي افتتاحي تقريب خميس 18 ڊسمبر تي ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي جنهن ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي تعاون جي هڪ نئين باب جي شروعات ٿيندي. پاڪ تاجڪ ثقافتي ميلو 19 کان 20 ڊسمبر (جمعي ۽ ڇنڇر) تي لوڪ ورثه اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو جنهن جو بندوبست نيشنل انسٽيٽيوٽ آف فوڪ اينڊ ٽريڊيشنل هيريٽيج (لوڪ ورثه)، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي گڏيل طور ڪيو آهي. اهو تاريخي قدم ٻنهي ملڪن جي ثقافتي حصيداري ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو جنهن ۾ روائتي ثقافت، فنون لطيفه ۽ ذائقيدار کاڌن کي اجاگر ڪيو ويندو. ٻن ڏينهن واري ميلي دوران لوڪ ورثه کي ثقافتي هم آهنگي جو مرڪز بڻايو ويندو. منجهند جو 12 وڳي کان رات جو 8 وڳي تائين هٿ جي هنر جي نمائش، روائتي فنڪارن جا لائيو مظاهرا، لوڪ موسيقي، رقص ۽ ٿيٽر جي شاندار پيشڪش ٿيندي جڏهن ته پاڪستاني ۽ تاجڪ روائتي کاڌن جا اسٽال به لڳايا ويندا. گڏيل ثقافتي ورثي تي سيمينار به ميلي جو حصو هوندو، خصوصي پروگرام تحت جمعي تي صبح جو 10 کان منجهند جو 12 وڳي تائين فلمن جي نمائش جڏهن ته ڇنڇر ڏينهن ساڳئي وقت تي فارسي زبان سان لاڳاپيل سيمينار منعقد ڪيو ويندو. ميلي ۾ تاجڪستان جي مشهور گلوڪاره نوزيه ڪرامت الله ۽ مشهور فنڪار محمد رفيع ڪرامت الله به پنهنجي فنڪاراڻين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا. نوزيه ڪرامت الله کي اعزاز حرمت شوئيتا سان نوازيو ويو آهي، جڏهن ته محمد رفيع ڪرامت الله تاجڪستان جي باوقار اعزاز اسلوزهيني آرٽسٽ آف تاجڪستان حاصل ڪري چڪو آهي. ان ثقافتي ميلي جو مقصد پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ دوستي، گڏيل احترام ۽ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي، جيڪو مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ تعاون جا رستا کوليندو. ان سلسلي ۾ جمهوريه تاجڪستان جي ثقافت واري وزير مطلوبه خان سهتوريان امان زاده جي قيادت ۾ تاجڪستان جو اعليٰ سطحي ثقافتي وفد گذريل ڏينهن اسلام آباد پهتو.












