سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار مِصباح کر جي پاڪستان – ازبڪستان لاڳاپن تي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ۽  آءِ ايس سي جي مِصباح کر پاڪستان – ازبڪستان جي لاڳاپن تي ٻڌل ڪتاب ”نيو ازبڪستان: صدر شوڪت مرزيايوف ڪا راستا“  جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ مضبوط، گهڻ رخي ۽ ڊگهي ٻطرفي لاڳاپن جي وڌندڙ اهميت تي روشني وڌي. تقريب کي خطاب ڪندي مِصباح کر پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ سفارتڪاري، …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ۽  آءِ ايس سي جي مِصباح کر پاڪستان – ازبڪستان جي لاڳاپن تي ٻڌل ڪتاب ”نيو ازبڪستان: صدر شوڪت مرزيايوف ڪا راستا“  جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ مضبوط، گهڻ رخي ۽ ڊگهي ٻطرفي لاڳاپن جي وڌندڙ اهميت تي روشني وڌي. تقريب کي خطاب ڪندي مِصباح کر پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ سفارتڪاري، واپار، ثقافت، تعليم ۽ پارلياماني رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ڄاڻايل ڪتاب جي مهورت هڪ بامعنيٰ موقعو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تفهيم کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن ڪتاب کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيايوف جي قيادت ۾ ٿيل نمايان سڌارن ۽ عوام دوست ويزن جي بهترين عڪاس قرار ڏنو، هن جو چوڻ هو ته ازبڪستان جي ان تبديلي کي بهتر طور تي سمجهڻ سان واپار، علائقائي رابطاڪاري ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ گهرو ٿيندو. مِصباح کر ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته هي ڪتاب پاليسي سازن، ڪاروباري حلقن ۽ شاگردن لاءِ هڪ قيمتي علمي ماخذ ثابت ٿيندي ۽ پاڪستان ازبڪستان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي گڏيل جيواڪنامڪ ويزن کي سگهه ڏيندي. هن چيو ته موثر تعاون ۽ مسلسل ڳالهيون ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ علائقائي رابطاڪاري ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي نمائندگي ڪندي هن ازبڪستان کان آيل معزز مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جو گرمجوشي سان آجيان ڪئي ۽ اداره جاتي رابطن جي استحڪام ۽ عوامي سطح تي رابطا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. مِصباح کر تعليمي مٽاسٽا، پاليسي تي ٻڌل تحقيق ۽ پارلياماني سطح تي ويجهي تعاون ذريعي ٻطرفي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته اهڙيون ڪوششون پاڪستان ۽ ازبڪستان جي پراڻي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون. مهورتي تقريب ۾ سفارتڪارن، تعليمي ماهرن، محققن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي جنهن پاڪستان – ازبڪستان لاڳاپن جي حوالي سان آگاهي ۽ تفهيم وڌائڻ لاءِ ان قدم کي ساراهيو.