اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي چيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران اداري ۾ متعارف ڪرايل سڌارن وارن قدمن سبب وفاقي محتسب جي عوام تائين رسائي ۽ پهچ ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، هن ٻڌايو ته گذريل چئن سالن ۾ نيون علائقائي آفيسون قائم ٿيڻ کانپوءِ مرڪزي آفيس سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي 28 شهرن ۾ وفاقي محتسب جون آفيسون ۽ شڪايت …
وفاقي محتسب جو ادارو هن وقت تائين 25 لک کان وڌيڪ خاندانن کي رليف فراهم ڪري چڪو آهي: اعجاز احمد قريشي
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي چيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران اداري ۾ متعارف ڪرايل سڌارن وارن قدمن سبب وفاقي محتسب جي عوام تائين رسائي ۽ پهچ ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، هن ٻڌايو ته گذريل چئن سالن ۾ نيون علائقائي آفيسون قائم ٿيڻ کانپوءِ مرڪزي آفيس سميت ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي 28 شهرن ۾ وفاقي محتسب جون آفيسون ۽ شڪايت مرڪز قائم ٿي چڪا آهن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي محتسب چيو ته نئين آفيسن جي قيام، جديد ترين انفارميشن ٽيڪنالاجي، واٽس ايپ، چئنل، سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي موثر استعمال، کليل ڪچهري، آئوٽ ريچ ڪمپلينٽ ريزولوشن (OCR) پروگرام ۽ سرڪاري آفيسن جي معائن جهڙن قدمن جي نتيجي ۾ سال 2025ع دوران وفقي محتسب ذريعي رليف حاصل ڪندڙن جو انگ اڍائي لک کان وڌي ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ٻارن جي شڪايت کي به شامل ڪيو وڃي ته اهو انگ 4 لک تائين پهچي وڃي ٿو، اعجاز احمد قريشي موجب گذريل چئن سالن ۾ 12 نيون علائقائي آفيسون قائم ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ هيڊ آفيس سميت علائقائي آفيسن ۽ شڪايت مرڪزن جو مجموعي انگ 28 ٿي ويو آهي، کليل ڪچهرين ۽ او سي آر پروگرام جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام کي سندن گهرن ويجهو مفت انصاف ملي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي محتسب جو واٽس ايپ چئنل هلندڙ سال مارچ ۾ شروع ڪيو ويو، جڏهن ته جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جي استعمال سان هاڻي ماڻهو گهر ويٺي انصاف حاصل ڪري رهيا آهن. وفاقي محتسب انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته 15 ڊسمبر تائين 246602 شڪايتن جا فيصلا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انٽرنل ريفارمز ڊائريڪٽوريٽ (آءِ آر ڊي) تحت 6960 شڪايتون اڪلايون ويون آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ 128427 پاڪستانين کي رليف فراهم ڪيو ويو، جڏهن ته ٻارن بابت 653 شڪايتن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن سمورن کي شامل ڪيو وڃي ته هلندڙ سال شڪايتن جو مجموعي انگ چار لک جي لڳ ڀڳ بڻجي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 1983ع ۾ اداري جي قيام کان وٺي هن وقت تائين 25 لک 58 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي رليف فراهم ڪيو ويو آهي. وفاقي محتسب چيو ته فيصلن تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ڌار سيڪشن قائم ڪيو ويو آهي جيڪو صرف فيصلن تي عملدرآمد ڪرائيندو آهي. هلندڙ سال فيصلن تي عملدرآمد جي شرح 93 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، هن ٻڌايو ته هن سال 45 سيڪڙو کان وڌيڪ شڪايتون آن لائن موصول ٿيون، جڏهن ته شڪايت ڪندڙن موبائيل ايپ، ويب سائيٽ ۽ اي ميل ذريعي به شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا.












