بورڊ آف انويسٽمينٽ جي وفاقي وزير جي چيني ڪمپني فنسٽوپيا کي پاڪستان ۾ امڪاني سيڙپڪاري ۽ حصيداري لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ جي وفاقي وزير  قيصر احمد شيخ سان چين جي وڏي ڪمپني فنسٽوپيا جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات پاڪستان چين بي ٽو بي سيڙپڪاري ڪانفرنس جي تسلسل ۾ منعقد ٿي. ملاقات دوران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان چين مضبوط دوست آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون مسلسل هٿي وٺي رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ جي وفاقي وزير  قيصر احمد شيخ سان چين جي وڏي ڪمپني فنسٽوپيا جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات پاڪستان چين بي ٽو بي سيڙپڪاري ڪانفرنس جي تسلسل ۾ منعقد ٿي. ملاقات دوران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان چين مضبوط دوست آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون مسلسل هٿي وٺي رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي، فن ٽيڪ ۽ ڊجيٽل سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. قيصر احمد شيخ چيو ته پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي آبادي سان هڪ وڏي، متحرڪ ۽ پُرڪشش منڊي آهي، جتي فن ٽيڪ ۽ ڊجيٽل فنانس جا منصوبا خاص ڪري ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن (ايس ايم ايز) کي نمايان فائدو پهچائي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل فنانس نوجوانن لاءِ نوان ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، وفد کي بزنس فيسيليٽيشن سينٽر، ”آسان ڪاروبار ايڪٽ“ تحت متعارف ڪرايل سڌارن، خصوصي اقتصادي زونز ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ دستياب مراعتن کان به آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير سيڙپڪارن لاءِ ڪاروبار ۾ آساني کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏنو. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ فنسٽوپيا کي پاڪستان ۾ امڪاني سيڙپڪاري ۽ حصيداري لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ سندس قيادت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.