اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ملڪ جي  مختلف علائقن ۾ سموگ جي امڪاني صورتحال تي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد - 17 ڊسمبر (اي پي پي) اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ملڪ جي  مختلف علائقن ۾ سموگ جي امڪاني صورتحال تي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آھي. ملڪ ۾ وڌندڙ سموگ جي صورتحال سبب ڪيترن ئي شھرن ۾ ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي. پنجاب صوبي جي شھرن لاھور، فيصل آباد، ملتان، بھاولپور، سيالڪوٽ، گوجرانواله ۽ شيخوپوره ۾ ڪوھيڙو/ سموگ ۾ شديد اضافي جو …

اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ملڪ جي  مختلف علائقن ۾ سموگ جي امڪاني صورتحال تي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آھي. ملڪ ۾ وڌندڙ سموگ جي صورتحال سبب ڪيترن ئي شھرن ۾ ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي. پنجاب صوبي جي شھرن لاھور، فيصل آباد، ملتان، بھاولپور، سيالڪوٽ، گوجرانواله ۽ شيخوپوره ۾ ڪوھيڙو/ سموگ ۾ شديد اضافي جو امڪان آهي جڏهن ته راولپنڊي، اسلام آباد سميت خيبرپختونخوا جا ڪيترائي علائقا ۽ سنڌ جي مٿاهين وارن علائقن ۾ به ڪوھيڙي ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آھي. 20 ڊسمبر تائين رات ۽ صبح جو سوير ڪوھيڙي سبب نظر جي حد گھٽجي ويندي. اين ڊي ايم اي پنھنجي ايڊوائزري ۾ چيو ته نظر جي حد گھٽ ٿيڻ سبب ٽريفڪ حادثن جا امڪان وڌي سگھن ٿا، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام محتاط رھي. ڊرائيور شديد ڪوھيڙي جي وقت غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. جڏهن ته ڪوھيڙي جي صورت ۾ ٽريفڪ حادثن کان بچڻ لاءِ احتياطي اپاءَ اختيار ڪيا وڃن. اين ڊي ايم اي جي سمورن لاڳاپيل ادارن کي ڪوھيڙي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ خاص قدم کڻن لاءِ ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن.