اسلام آباد _ 17 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏينهن زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد لانس نائيڪ محمد محفوظ 1971ع جي جنگ ۾ شجاعت ۽ بهادري جو اهڙو روشن مثال قائم ڪيو جنهن جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. جاري ڪيل خاص بيان ۾ وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته لانس …
لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد 1971ع جي جنگ ۾ شجاعت ۽ بهادري جو روشن مثال قائم ڪيو: وفاقي وزير محسن نقوي
اسلام آباد _ 17 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏينهن زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد لانس نائيڪ محمد محفوظ 1971ع جي جنگ ۾ شجاعت ۽ بهادري جو اهڙو روشن مثال قائم ڪيو جنهن جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. جاري ڪيل خاص بيان ۾ وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد غير معمولي حوصلي سان هڪ انتهائي خطرناڪ مشن مڪمل ڪيو ۽ وطن جي عزت تي قربان ٿي شهادت جو بلند رتبو حاصل ڪيو. هن چيو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد جي عظيم قرباني محاذ جنگ جو نقشو بدلائي ڇڏيو. وفاقي گهرو وزير شهيد جي جنگي حڪمت عملي کي ساراهيندي چيو ته پنهنجي نه وسرندڙ بهادري ذريعي لانس نائيڪ محمد محفوظ دشمن جي سڀ کان محفوظ دفاعي پوزيشن کي خاموش ڪري جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته لانس نائيڪ محمد محفوظ شهيد قوم لاءِ حوصلي، همت ۽ عزم جو هڪ مثال آهي . هن دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته فرض جي ادائيگي ۾ شهادت حاصل ڪرڻ هڪ پاڪستاني سپاهي لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز ۽ خواهش هوندي آهي . هن چيو ته قوم جي ان عظيم سپوت جو نالو تاريخ جي سنهري اکرن ۾ هميشه زنده رهندو ۽ ايندڙ نسلن ملڪ لاءَ شهيد جي قرباني مان سبق حاصل ڪندا.












