صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي مشوري تي اهم قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي مشوري تي اهم قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر شهادت واري قانون (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بل 2025ع جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته قومي ڪميشن فار مائنارٽيز رائيٽس بل 2025ع جي به منظوري …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي مشوري تي اهم قانونسازي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر شهادت واري قانون (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بل 2025ع جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته قومي ڪميشن فار مائنارٽيز رائيٽس بل 2025ع جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر دانش اسڪولز اٿارٽي بل 2025ع صوبائي مشاورت جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي نظرثاني لاءِ وزيراعظم ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته صوبن ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل صوبائي حڪومتن سان اڳواٽ صلاح مشورو اهم آهي.

مزید خبریں