صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ڀوٽان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪُون

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ڀوٽان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ڀوٽان جي فرمانروا جگمي کهيسر نامگيان وانگچوڪ، شاهي حڪومت ۽ ڀوٽان جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. صدر ڀوٽان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن 1907ع ۾ گونگسار اوگيان وانگچڪ جي پهرين ڊرڪ گيالپو جي طور تي تاج پوشي …

اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ڀوٽان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ڀوٽان جي فرمانروا جگمي کهيسر نامگيان وانگچوڪ، شاهي حڪومت ۽ ڀوٽان جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. صدر ڀوٽان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن 1907ع ۾ گونگسار اوگيان وانگچڪ جي پهرين ڊرڪ گيالپو جي طور تي تاج پوشي جي ياد ڏياري ٿو جنهن وانگچوڪ شاهي خاندان جي قيادت ۾ هڪ متحد ۽ جديد ڀوٽان جو بنياد رکيو. هن چيو ته هي موقعو ڀوٽان جي هر ايندڙ فرمانروائن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو پڻ آهي جن ملڪ جي خودمختياري جو تحفظ ڪيو ۽ ان جي منفرد ثقافتي سڃاڻپ کي فروغ ڏنو. صدر چيو ته ڀوٽان جي عوام دوست ترقي جي سوچ، خاص طور تي مجموعي قومي خوشي جو فلسفو ۽ ماحول جي تحفظ جي لاءِ ان جي وابستگي سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي لاءِ ترغيب جو سبب آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀوٽان سان ٻطرفي سطح تي ۽ خاص طور تي سارڪ جي دائره ڪار ۾ خوشگوار لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اهو افسوسناڪ آهي ته ڀارت پنهنجي بالادست پاليسين جي ڪري ان اهم علائقائي فورم کي منجمد رکي ڏکڻ ايشيا جي روح کي نقصان پهچائي رهيو آهي. صدر چيو ته اسان کي ڀوٽان جي عوام جي تعاون سان اميد آهي ته سارڪ کي نئين توانائي ۽ موثر ڪردار سان بحال ڪري سگهبو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان تعليم، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پڻ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند اهيون ته جيئن اسان جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي فروغ ملي. هن چيو ته آئون بادشاهه جگمي کهيسر نامگيان وانگچوڪ جي لاءِ نيڪ خواهشن سان گڏوگڏ ڀوٽان جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيان.

مزید خبریں