اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ پوليس جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز جي سينيارٽي بابت اهم فيصلو ٻُڌائيندي سنڌ سروس ٽربيول جو فيصلو برقرار رکيو آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران داخل ڪيل سول اپيلون رد ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ طرفان باضابطه طور تي جاري رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور …
سپريم ڪورٽ: سنڌ پوليس جي آفيسرن جي سينيارٽي 1990ع کان بحال، سنڌ حڪومت جون اپيلون رد
اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ پوليس جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز جي سينيارٽي بابت اهم فيصلو ٻُڌائيندي سنڌ سروس ٽربيول جو فيصلو برقرار رکيو آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران داخل ڪيل سول اپيلون رد ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ طرفان باضابطه طور تي جاري رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻَڌل 3 رڪني بينچ اهو فيصلو ٻُڌايو. ڪيس ۾ بنيادي نُڪتو اهو هو ته 1990ع ۾ شروعاتي طور تي مقرر ڪيل پوليس آفيسرن جي سينيارٽي سندن پهرين مقرريءَ کان شمار هوندي يا 92-1991ع ۾ مبينه طور تي تازي مقرري جي تاريخ کان. عدالت موجب متاثر پوليس آفيسرن کي مارچ 1990ع ۾ سنڌ پوليس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر طور تي مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته فيبروري 1991ع ۾ سياسي بنيادن تي مقرريءَ جو الزام لڳائي کين ملازمت مان فارغ ڪيو ويو هو. بعد ۾ انهن آفيسرن کي آءِ جي سنڌ پوليس جي 3 جنوري 1994ع جي نوٽيفڪيشن تحت بحال ڪيو ويو جنهن ۾ واضح طور تي لکيل هو ته کين مالي فائدا ته نه ملندا پر سندن اصل سينيارٽي 1990ع کان برقرار رهندي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته بحاليءَ جو قانوني مطلب اهوئي آهي ته ملازم کي ان جي اڳوڻي حيثيت خاص ڪري سينيارٽي سان بحال ڪئي وڃي. عدالت چيو ته 2019ع ۾ جاري ڪيل نئين سينيارٽي لسٽ ذريعي آفيسرن جي سينيارٽي بنا شوڪاز نوٽيس ۽ ٻُڌڻيءَ جو واپس وٺڻ، آئين جي آرٽيڪل اي-10 (منصفاڻي ٻُڌڻي) جي ڀڃڪڙي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته سينارٽي هڪ قيمتي حق آهي جيڪو ملازم جي مستقبل، ترقي ۽ ڪيريئر تي گهرا اثر جوڙي ٿو، ان ڪري ان کي قانون ۽ قاعدن موجب ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. عدالت سنڌ سروس ٽربيونل جي ان هدايت کي درست قرار ڏنو ته متاثر آفيسرن جي سينيارٽي 12 اپريل 2019ع کان پهرين واري حيثيت ۾ بحال ڪئي وڃي ۽ کين قانون موجب ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت طرفان داخل سول اپيلون (C.A. 53-K کان 55-K/2024) رد ڪري ڇڏيون جڏهن ته ٻيون اپيلون (C.A. 56-K کان 58-K/2024) وڪيل جي بيان جي روشنيءَ ۾ اُڪلائي ڇڏيون. هي فيصلو پوليس سروس ۾ سينيارٽي ۽ بحاليءَ بابت هڪ اهم نمونو قرار ڏنو ويو آهي.












