اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊگري تڪرار ڪيس ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي 2 اعتراض رد ڪري ڇڏيا. عدالت سنگل بينچ بدران ٻه رڪني بينچ جوڙڻ بابت اعتراض ۽ چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا. عدالت اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي ڪيس ۾ ڌُر بڻائڻ جي گذارش رد ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ۽ اسلام …
ڊگري تڪراري ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري جا 2 اعتراض رد ڪري ڇڏيا
اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊگري تڪرار ڪيس ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي 2 اعتراض رد ڪري ڇڏيا. عدالت سنگل بينچ بدران ٻه رڪني بينچ جوڙڻ بابت اعتراض ۽ چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا. عدالت اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي ڪيس ۾ ڌُر بڻائڻ جي گذارش رد ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل کي ٻُڌو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻَڌل ڊويزن بينچ ايڊووڪيٽ ميان دائود جي درخواست تي گذريل ڏينهن ٻُڌڻيءَ جو لکت وارو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج جي ڊگري بابت سنگين الزام لڳايا ويا آهن، معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي انتظامي اختيارن تحت 2 رڪني بينچ جوڙي وئي، بينچز جي جوڙجڪ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جو صوابديدي اختيار هوندو آهي، خاص بينچ جي جوڙجڪ ڪو پهريون مثال ناهي. لکت واري حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس جهانگيري جي چيف جسٽس تي تعصب جي اعتراض جو به ڪو قانوني جواز ناهي. جسٽس طارق جهانگيري سميت بين ججن جي چيف جسٽس جي بدلي خلاف اپيل وفاقي آئيني عدالت مان رد ٿي چڪي آهي، جج تي تعصب جي بنياد تي بينچ مان ڌار رڻ جي اصول تي اعليٰ عدليه جا ڪيترائي فيصلا موجود آهن، اعليٰ عدليه 1966ع کان وٺي 2023ع تائين جي فيصلن ۾ جج تي اعتراض جا اصول واضح ڪري چڪي آهي. جسٽس طارق محمود جهانگيري جي چيف جسٽس تي اعتراض جو هڪ به ڪارڻ بيان ناهي ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي درخواست جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽيءَ جو جمع ڪرايل مڪمل جواب ۽ رڪارڊ به فراهم ڪيو وڃي. عدالت اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي ڌُر بنائڻ جي گذارش رد ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل کي ضرور ٻُڌو ويندو. ڪيس جي وڌيڪ ٻُڌڻي 18 ڊسمبر تي ٿيندي.












