اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي تاجڪستان جو 75 رڪني ثقافتي دستو پاڪستان جو 8 ڏينهن جو دورو ڪندو. جاري بيان موجب جمهوريه تاجڪستان جي پاڪستان بابت سفير شريف زاده يوسف توهير اسلام آباد ۾ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تاجڪستان جي سفير وفاقي وزير کي تاجڪستان جي 75 رڪني ثقافتي دستي جي پاڪستان جي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي تاجڪستان جو 75 رڪني ثقافتي دستو پاڪستان جو 8 ڏينهن جو دورو ڪندو
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي تاجڪستان جو 75 رڪني ثقافتي دستو پاڪستان جو 8 ڏينهن جو دورو ڪندو. جاري بيان موجب جمهوريه تاجڪستان جي پاڪستان بابت سفير شريف زاده يوسف توهير اسلام آباد ۾ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تاجڪستان جي سفير وفاقي وزير کي تاجڪستان جي 75 رڪني ثقافتي دستي جي پاڪستان جي دوري ۽ ان جي طئي ٿيل سرگرمين بابت آگاهه ڪيو جيڪو وزيراعظم پاڪستان جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ان ثقافتي دستي کي رياستي مهمان جو درجو ڏنو ويو آهي جڏهن ته اهو انگ جي لحاظ کان پاڪستان ايندڙ سڀ کان وڏو ثقافتي وفد هوندو. ان وفد ۾ دستڪار، گلوڪار، فنڪار ۽ رقاص شامل هوندا جيڪي مختلف تقريبن ۽ نمائشن جي ذريعي تاجڪ ثقافت کي اجاگر ڪندا. اهو ثقافتي دستو اسلام آباد ۾ لوڪ ورثه ۽ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ اسٽالز لڳائيندو ۽ پرفارمنس پيش ڪندو جنهن کانپوءِ لاهور ۾ به ٻه ڏينهن ثقافتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان تاجڪ ثقافتي دستي جي ميزباني تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ان نوعيت جي ثقافتي مٽاسٽا عوامي رابطي کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل هم آهنگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ڪري ٿي. وفاقي وزير عبدالعليم خان وفد جي قيام دوران طئي ٿيل سرگرمين جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن سفير شريف زاده يوسف توهير جي اردو ۾ رواني سان ڳالهه ٻولهه کي پاڪستان سان گهرو لڳاءُ قرار ڏنو ۽ ساڻس گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. تاجڪستان جو 75 رڪني ثقافتي دستو 16 کان 24 ڊسمبر تائين پاڪستان ۾ رهندو ۽ ان جي قيادت تاجڪستان جي ثقافت واري وزير ۽ اڳوڻي ڊپٽي وزيراعظم متلوبخون ستاريان ڪندي.












