اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان تاجڪستان جي پاڪستان ۾ سفير شريف زاده يوسف توهير ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي توثيق ڪندي چيو ته پاڪستان 1992ع ۾ تاجڪستان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، معاشي تعاون، دفاع ۽ سلامتي …
صدر آصف علي زرداري سان تاجڪستان جي پاڪستان ۾ سفير شريف زاده يوسف توهير جي ملاقات
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان تاجڪستان جي پاڪستان ۾ سفير شريف زاده يوسف توهير ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي توثيق ڪندي چيو ته پاڪستان 1992ع ۾ تاجڪستان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل هو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، معاشي تعاون، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌي رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته اعليٰ سطح جي باقاعده مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدو گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ مستحڪم فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. تاجڪستان جي وچ ايشيا جي لاءِ هڪ پُل قرار ڏيندي صدر علائقائي رابطاڪاري کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي سان گڏوگڏ رستي ۽ ريل رابطن ۾ بهتري جي لاءِ ڪوششن جي حوصلا افزائي ڪئي. صدر خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا – 1000 منصوبي جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ثقافتي تعاون ۾ اضافي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ان ڏس ۾ هن 2027ع ۾ علامه اقبال جي 150هين پيدائش جي ڏهاڙي کي گڏيل طور تي ملهائڻ جي تجويز جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته علامه اقبال ۽ سندس ڪلام کي تاجڪستان ۾ وڏي پئماني تي پسند ڪيو وڃي ٿو.












