اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گلگت بلتستان مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر بخاري جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي گلگت بلتستان بابت سياسي ۽ ترقياتي معاملن تي برينگ ڏني. صدر آصف علي زرداري علائقائي مسئلن جي حل ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ …
صدر آصف علي زرداري سان گلگت بلتستان مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد جي سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر بخاري جي قيادت ۾ ملاقات
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گلگت بلتستان مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سيد نيئر بخاري جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي گلگت بلتستان بابت سياسي ۽ ترقياتي معاملن تي برينگ ڏني. صدر آصف علي زرداري علائقائي مسئلن جي حل ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، اتفاق راءِ ۽ جامع طرز حڪمراني جي اهميت تي زور ڏنو.












