صدر آصف علي زرداري سان آئرلينڊ ۾ پاڪستان جي نامزد سفير مريم مديحه آفتاب جي ملاقات

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آئرلينڊ ۾ پاڪستان جي نامزد سفير مريم مديحه آفتاب ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر کيس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي، خاص طور تي هڪ مضبوط معاشي حصيداري قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي. ايوان صدر …

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آئرلينڊ ۾ پاڪستان جي نامزد سفير مريم مديحه آفتاب ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر کيس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي، خاص طور تي هڪ مضبوط معاشي حصيداري قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر واپار ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ پائيدار ترقي، ماحولياتي تبديلي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز، تعليم، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ آئرش سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آئرلينڊ جي ايندڙ سال جولاءِ کان ڊسمبر تائين يورپي يونين جي صدارت جي حوالي سان صدر اعليٰ سطحي ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن 1994ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آئرلينڊ جي دوري ۽ تازي سينيٽ جي وفد جي دوري جو پڻ حوالو ڏنو. آئرلينڊ ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي کي اجاگر ڪندي صدر عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ثقافتي سفارتڪاري ۽ ميڊيا جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ويجهي رابطي جي هدايت ڪئي.