اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ نوجوان صحافي راجا مطلوب جي گهرڀاتين سان تعزيت

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ نوجوان صحافي، اينڪر پرسن ۽ سماجي شخصيت راجا مطلوب جي گهر ويو ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ ان موقعي تي موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. عطاءُ الله تارڙ چيو …

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ نوجوان صحافي، اينڪر پرسن ۽ سماجي شخصيت راجا مطلوب جي گهر ويو ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ ان موقعي تي موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته راجا مطلوب هڪ باصلاحيت محنتي، ذميوار صحافي ۽ سماجي شخصيت هو، سندس بي وقتائتي لاڏاڻي سان صحافي برادري هڪ مخلص آواز کان محروم ٿي وئي آهي. هن چيو ته مشڪل گهڙيءَ ۾ پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.