پرڏيهي وزارت پاران اي پي ايس پشاور جي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان عوام جي تحفظ، پنهنجي خودمختياري جي دفاع ۽ اتحاد، حوصلي ۽ دهشتگردي جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ۽ موقف تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي ويزن جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي …

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان عوام جي تحفظ، پنهنجي خودمختياري جي دفاع ۽ اتحاد، حوصلي ۽ دهشتگردي جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ۽ موقف تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي ويزن جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي ٿيندڙ بي رحماڻي دهشتگرد حملي جي شهيدن جي ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان انهن معصوم ٻارن ۽ استادن کي عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪري ٿو جيڪي ان کليل درندگي جو نشانو بڻيا، انهن جي قرباني دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ قوم جي پختي عزم جي علامت آهي. ترجمان چيو ته شهيدن جي ياد اسان کي ان ڳالهه جي پڻ ياد ڏياري ٿي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي ضرورت اڄ به ايتري ئي فوري ۽ لازمي آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن جتي 90 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ملڪ کي وڏو معاشي ۽ سماجي نقصان کڻڻو پيو، اهي قربانيون دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي پهرين صف جي ڪردار ۽ اڻٿڪ عزم جو واضح ثبوت آهن جن جي ڪري نه رڳو پاڪستانين پر خطي ۽ ان کان ٻاهر به بي شمار جانيون محفوظ رهيون. ترجمان چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگرد تنظيمن جي خلاف فيصلائتي ۽ موثر ڪارروايون جاري رکيون آهن جڏهن ته پاڪستان کي سرحد پار کان سرگرم دهشتگرد عنصرن پاران مسلسل خطرو درپيش آهي جن کي اسان جي مخالفن جي سرپرستي حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان ان چئلينج جي مسلسل نشاندهي ڪندو آيو آهي ۽ دهشتگردي کي پنهنجي سرزمين ۾ اچڻ کان روڪڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻندو رهيو آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته انهن ڪوششن جي ذريعي پاڪستان پنهنجي سرحدن کان ٻاهر دهشتگردي جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ هڪ مضبوط حصار جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ خطي ۽ دنيا جي امن ۽ استحڪام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اها ناقابل ترديد حقيقت دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن جي خاتمي ۽ پاڪستان کي نشانو بڻائيندڙ سمورين دهشتگرد تنظيمن سميت هر قسم جي مدد جي مڪمل خاتمي جي لاءِ فوري ۽ ٺوس قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿي.