مصباح کر جي ازبڪستان جي سينيٽر حسين ارماتوف سان ملاقات

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ۽ انٽرا پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي سفير مصباح کر جمهوريه ازبڪستان جي سينيٽر حسن ارماتوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جيڪو گڏيل تاريخي، ثقافت، مذهب ۽ گڏيل قدرن تي ٻَڌل آهي. ان موقعي تي مصباح کر چيو …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين جي صلاحڪار ۽ انٽرا پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي سفير مصباح کر جمهوريه ازبڪستان جي سينيٽر حسن ارماتوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جيڪو گڏيل تاريخي، ثقافت، مذهب ۽ گڏيل قدرن تي ٻَڌل آهي. ان موقعي تي مصباح کر چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي وڌندڙ ناتن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ ٻن ڀائر ملڪن وچ ۾ سهڪار جي دائري ڪار ۾ سگهه ۽ ناتن جي هاڪاري اڳڀرائي اطمينان بخش آهي. تازي سفارتي اڳڀرائيءَ جو ذڪر ڪندي هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تاشقند جي دؤري کي هڪ سنگِ ميل قرار ڏنو ۽ چيو ته ان دؤري سان سهڪار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ سهڪار ڪائونسل جي قيام ۽ واضح ٽائيم لائنز تي ٻَڌل جامع روڊ ميپ جي منظوريءَ کي ٻه طرفن ناتن ۾ اهم ڪاميابي قرار ڏنو. پارلياماني تعاون کي پاڪستان ازبڪستان ناتن جو هڪ اهم ٿنڀ قرار ڏيندي مصباح کر چيو ته سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي بصيرت قيادت ۾ اسلام آباد ۾ رٿيل انٽرا پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪامياب بندوبست کان پوءِ پارلياماني رابطن ۾ نئين جان پئي. مصباح کر پاڪستان جي نوجوان آبادي جيڪا ملڪ جي مجموعي آباديءَ جو اٽڪل 60 سيڪڙو آهي، کي هڪ قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو ته هي خطي جي ترقي، خاص ڪري ازبڪستان سان سهڪار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ازبڪستان جي ترقياتي ماڊل کي خطي لاءِ هڪ قابل تقليد مثال به قرار ڏنو. ٻه طرفي واپار ۾ مسلسل واڌ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن ايندڙ سالن ۾ واپاري ڳاڻيٽي کي 2 ارب آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سڌيءَ ريت اُڏامن جي بحالي سميت فضائي رابطن ۾ بهتريءَ کي عوامي ۽ واپاري رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو ويو. علائقائي رابطا ڪاري جي منصوبن خاص ڪري ٽرانس افغان ريلوي منصوبي ۽ ملٽي ماڊل ٽرانسپورٽ ڪوريڊور کي علائقائي انضمام ۽ گڏيل خوشحاليءَ لاءِ انقلابي منصوبو قرار ڏنو ويو. ملاقات ۾ سمورن شعبن ۾ ويجهو سهڪار جاري رکڻ ۽ پاڪستان ازبڪستان ناتن جي ڀرپور صلاحيت کي ڪتب آڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر حسن ارماتوف انٽرا پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪامياب بندوبست ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪون ڏنيون ۽ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ڀائر مسلم ملڪن جي حيثيت سان ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن ازبڪستان جي صدر طرفان سينيٽ چيئرمين ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ پهچايو.