قومي جيم اسٽونز پاليسيءَ جو مقصد پاڪستان جي جيم اسٽونز سيڪٽر جي وسيع ۽ غير استعمال ٿيل صلاحيت کي ڪتب آڻڻ آهي: هارون اختر خان

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ قومي جيم اسٽونز پاليسيءَ جو جائزو وٺي ان کي حتمي شڪل ڏني وئي. ان پاليسيءَ جو مقصد پاڪستان جي جيم اسٽونز سيڪٽر جي وسيع ۽ غير استعمال ٿيل صلاحيت کي ڪتب آڻڻ آهي. اجلاس دوران امپورٽ ايڪسپورٽ، بئنڪنگ، فنانس ۽ ريٽرن ۽ …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ قومي جيم اسٽونز پاليسيءَ جو جائزو وٺي ان کي حتمي شڪل ڏني وئي. ان پاليسيءَ جو مقصد پاڪستان جي جيم اسٽونز سيڪٽر جي وسيع ۽ غير استعمال ٿيل صلاحيت کي ڪتب آڻڻ آهي. اجلاس دوران امپورٽ ايڪسپورٽ، بئنڪنگ، فنانس ۽ ريٽرن ۽ ريفنڊ پاليسيءَ بابت خاص ورڪنگ گروپس پنهنجون سفارشون پاليسي فريم ورڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پيش ڪيون. هارون اختر خان چيو ته ماهرن سان وسيع صلاح مشوري کانپوءِ پاليسي ۽ معيار کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب اها پاليسي ترقيءَ جي رفتار تيز ڪرڻ، ويليو ايڊيشن کي هٿي وٺرائڻ ۽ جيم اسٽونز انڊسٽريءَ کي هڪ چٽاڀيٽي روانگي واپار تي ٻَڌل شعبو بنائڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وسيع اتفاق راءِ موجود آهي ته پاڪستان عالمي جيمز اينڊ جيولري مارڪيٽ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. موجوده چئلينجز جي نشاندهي ڪندي هن چيو ته جيم اسٽونز سيڪٽر هن وقت وڌيڪ زيان، محدود ويليو ايڊيشن ۽ گهٽجندڙ روانگي واپار جهڙن مسئلن جو شڪار آهي، غير سائنسي نڪاسي ۽ پروسيسنگ جي طريقن سبب مختلف مرحلن تي 50 سيڪڙو تائين زيان ٿئي ٿو، بي پناهه صلاحيت باوجود تازن سالن ۾ جيم اسٽونز جو روانگي واپار صرف 5 سيڪڙو کان 7 ملين آمريڪي ڊالرن تائين محدود رهيو آهي. هارون اختر واضح ڪيو ته ڌُرين سان صلاح مشوري کانپوءِ جيم اسٽونز جي مڪمل ويليو چين کي دستاويزي ۽ باضابطه بنائڻ واري پاليسيءَ کي اولين ترجيح قرار ڏنو ويو آهي، شعبي جي ترقيءَ لاءِ حڪومت طرفان هدفي فنانسنگ، آسان سهولتڪاري ۽ سمارٽ مراعتون فراهم ڪيون وينديون. قومي جيم اسٽونز پاليسي تحت هڪ نئين اسٽيٽو ٽري اٿارٽي قائم ئي ويندي جيڪا پاليسي جي نگران هوندي، ڪاروباري سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪندي ۽ ادارا جاتي هم آهنگي کي يقيني بڻائيندي. ان کان علاوه نيشنل وارنٽي آفيس جي قيام ۽ جيم اسٽونز ايڪسپورٽز جي سهولت لاءِ هوائي اڏن تي ڪمرشل ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي. نيشنل وارنٽي آفيس ذريعي جيم اسٽونز جي روانگي واپار لاءِ هڪ مربوط، شفاف ۽ اثرائتو نظام فراهم ڪيو ويندو جنهن ۾ پيڪجنگ ۽ سرٽيفڪيشن جون سهولتون شامل هونديون. ان کان علاوه ڪوريئر سروسز، پيغام جهڙوڪ عالمي ڊجيٽل بئنڪن حل ۽ آسان آن لائن رجسٽريشن نظام متعارف ڪرائڻ جي تجويز به شامل آهي. جيم اسٽونز انڊسٽري کي اربين ڊالرن جي صلاحيت رکندڙ شعبو قرار ڏيندي هارون اختر خان چيو ته مناسب دستاويز سازي ۽ ريگيوليٽري سڌارا پاڪستان جي معيشت کي نمايان طور تي مضبوط ڪندي. هن آخر ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سمورا پاليسي قدم روانگي واپار ۾ واڌ، شعبي جي باضابطه جوڙجڪ ۽ ايڪسپورٽرز کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن.