وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شاڪر بشير اعواڻ جي ملاقات

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شاڪر بشير اعواڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي مجموعي صورتحال، معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته هاڻوڪي معاشي استحڪام، پاليسي تسلسل ۽ ڪاروبار دوست سڌارن سبب پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شاڪر بشير اعواڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي مجموعي صورتحال، معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته هاڻوڪي معاشي استحڪام، پاليسي تسلسل ۽ ڪاروبار دوست سڌارن سبب پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ هي بهترين وقت آهي. هن چيو ته بزنس فيسليٽيشن سينٽر (بي ايف سي) ۽ آسان ڪاروبار ايڪٽ جهڙن قدمن سان سيڙپڪاريءَ جي ماحول ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جڏهن ته بي ايف سي ذريعي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته تازا ريگيوليٽري سڌارا سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا. حڪومت سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاليسي تسلسل، شفافيت ۽ سهولتڪاري تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن نوجوانن جي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته نوجوانن کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ قومي معاشي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ ان سلسلي ۾ نجي شعبي سان ويجهو سهڪار جاري رکندو. قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شاڪر بشير اعواڻ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي ڪردار ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وفاقي وزير کي خوشاب ۽ سرگوڌا چيمبرز آف ڪامرس جي دؤري جي دعوت به ڏني، جنهن کي وفاقي وزير قبول ڪيو. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪارن جي سهولتڪاري ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي جوڙجڪ لاءِ پُرعزم آهي.