آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارن، استادن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جو رت رائيگان نه ويندو: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽا- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جي عظيم ۽ بهادر ٻارن، استادن ۽ ٻين شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم اڄ به انهن قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، جن ملڪ جي تاريخ جو هڪ نه وِسارڻ جهڙو باب لکيو. پشاور سانحي جي 11 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي …

ڪوئيٽا- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جي عظيم ۽ بهادر ٻارن، استادن ۽ ٻين شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم اڄ به انهن قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي، جن ملڪ جي تاريخ جو هڪ نه وِسارڻ جهڙو باب لکيو. پشاور سانحي جي 11 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته اي پي ايس سانحو نه صرف شهيدن جي ياد کي تازو ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پر ان عهد جي تجديد جو موقعو به آهي ته وطنِ عزيز جي تحفظ لاءِ هر قرباني ڏني ويندي پر مادرِ وطن تي ڪنهن کي ميري اک سان ڏسڻ جي اجازت نه ڏينداسين. مير سرفراز بگٽي واضح ڪيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارن، استادن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ سندن قربانيون دهشتگرديءَ خلاف قومي عزم جو بنياد آهن. هن چيو ته اي پي ايس سانحو بزدل، انسانيت کان ڪِريل ۽ وحشي صفت دهشتگردن جي مڪروه چهرن کي پوريءَ دنيا آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو. وڏي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ جدوجهد پوري قوت سان جاري آهي ۽ انشاءَ الله ان ۾ فتح پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي ٿيندي. وڏي وزير مادرِ وطن جي تحفظ ۾ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي عظيم جوانن کي ملڪ ۽ قوم جا هيرو ۽ محسن قرار ڏيندي چيو ته سندن قربانيون قوم جي حوصلي ۽ اتحاد جي علامت آهن.