اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، باجوڙ جي خار ٿاڻي جي حد ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي. محسن نقوي، فائرنگ سبب اهلڪار ۽ راهگير جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهادت ماڻيندڙ اهلڪار سجاد احمد کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد ڪانسٽيبل سجاد احمد ۽ راهگير جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران باجوڙ ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي فائرنگ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، باجوڙ جي خار ٿاڻي جي حد ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي فائرنگ جي مذمت ڪئي آهي. محسن نقوي، فائرنگ سبب اهلڪار ۽ راهگير جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهادت ماڻيندڙ اهلڪار سجاد احمد کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد ڪانسٽيبل سجاد احمد ۽ راهگير جي پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهلڪار سجاد احمد فرضن جي ادائيگي دوران شهادت جو عظيم رتبو حاصل ڪيو، سجاد احمد قوم جو هيرو آهي. هن چيو ته ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ واري ٽيم تي حملو درنده صفت عنصرن جو هڪ ڪِريل فعل آهي.










