لاهور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آهي ته آرمي پيلڪ ماڊل اسڪول پشاور سانحي جي معصوم ٻارن جي عظيم قرباني کي وساري نٿو سگهجي. اي پي ايس جي معصوم ٻارن، استادن ۽ عملي جي قرباني بهادري جو مثال آهي. وزيراعليٰ، آرمي پيلڪ اسڪول پشاور جي سانحي جي ورسي تي خصوصي پيغام ۾ اي پي ايس جي بهادر ٻارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو …
آرمي پيلڪ اسڪول پشاور سانحي جي معصوم ٻارن جي عظيم قرباني کي وساري نٿو سگهجي: وزيراعليٰ مريم نواز

مزید خبریں
لاهور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آهي ته آرمي پيلڪ ماڊل اسڪول پشاور سانحي جي معصوم ٻارن جي عظيم قرباني کي وساري نٿو سگهجي. اي پي ايس جي معصوم ٻارن، استادن ۽ عملي جي قرباني بهادري جو مثال آهي. وزيراعليٰ، آرمي پيلڪ اسڪول پشاور جي سانحي جي ورسي تي خصوصي پيغام ۾ اي پي ايس جي بهادر ٻارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اي پي ايس سانحي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل ٻارن جي بهادر والدين ۽ ڪٽنبن کي سلام پيش ڪريان ٿي. دهشتگردي خلاف پاڪستان جو عزم پختو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي لازوال قربانين جي ڪري ملڪ جو مستقبل روشن آهي.










