اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ميان منظور وٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين، مرحوم جي سياسي خدمتن، جمهوري جدوجهد ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم هڪ مدبر سياستدان هو جنهن، عوامي خدمت ۽ آئيني قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا …
سينيٽ چيئرمين پاران پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ميان منظور احمد وٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ميان منظور وٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين، مرحوم جي سياسي خدمتن، جمهوري جدوجهد ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم هڪ مدبر سياستدان هو جنهن، عوامي خدمت ۽ آئيني قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني، مرحوم جي گهرڀاتين ۽ پارٽي ڪارڪنن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي.










