بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي قيادت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم به بڻجندو: پنجاب جو گورنر

راولپنڊي-16 ڊسمبر (اي پي پي) پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي قيادت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم به بڻجندو. هن صوبي ۾ پارٽيءَ جي وڌندڙ مقبوليت ۽ جنوريءَ ۾ ٿيندڙ اهم دؤرن ۽ سياسي اجتماعن تي روشني وڌي. راولپنڊي ۾ گورنر هائوس ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي …

راولپنڊي-16 ڊسمبر (اي پي پي) پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي قيادت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم به بڻجندو. هن صوبي ۾ پارٽيءَ جي وڌندڙ مقبوليت ۽ جنوريءَ ۾ ٿيندڙ اهم دؤرن ۽ سياسي اجتماعن تي روشني وڌي. راولپنڊي ۾ گورنر هائوس ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر، بلاول ڀٽو زرداري جي لاهور جي تازي ٽن ڏينهن واري دؤري کي تاريخي قرار ڏنو ۽ ٻُڌايو ته ان دوران ڪيترن ئي اهم سياسي شخصيتن پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. پنجاب جي گورنر چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ مهيني لاهور جو دؤرو ڪندو، جنهن کان پوءِ فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ ۾ وڏا عوامي ميڙ ٿيندا، جتي ڪيترائي اڳواڻ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر باضابطه طور تي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا. لاهور ۾ گورنر هائوس ۾ پي ايس ايف ۽ اقليتي برادرين لاءِ وڌيڪ ڪنوينشنز منعقد ٿيندا. هن چيو ته پ پ پنجاب ۾ وڏي مقبول پارٽي آهي ۽ پارٽي تيزيءَ سان صوبي ۾ پنهنجو اثر وڌائي رهي آهي ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ مضبوط ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي. پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي گورنر چيو ته پي ٽي آءِ غلط رستي تي آهي ۽ ان جي قيادت کي چيو ته ڳالهين کي اختيار ڪن. هن تاريخي مثال ڏيندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ نيلسن منڊيلا پڻ مقابلي بدران ڳالهين سان ڪاميابي حاصل ڪئي. گورنر، پي ٽي آءِ کي مشورو ڏنو ته هو رياستي ادارن تي تنقيد کان پاسو ڪن ۽ ڳالهين جي ميز تي اچن.

مزید خبریں