سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اين اي 251 شيراني ۾ ننڍي چونڊ ملتوي، 18 پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ معطل

اسلام آباد-16 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 251 شيراني ۽ ٻين تڪن ۾ 18 پولنگ اسٽيشنن تي ننڍي چونڊ روڪي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 251 شيراني، زوب، قلعه سيف الله ۾ 22 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ لاءِ 18 …

اسلام آباد-16 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 251 شيراني ۽ ٻين تڪن ۾ 18 پولنگ اسٽيشنن تي ننڍي چونڊ روڪي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 251 شيراني، زوب، قلعه سيف الله ۾ 22 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ لاءِ 18 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪئي هئي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ طرفان منع نامي واري حڪم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پولنگ جو شيڊول فيصلي اچڻ تائين معطل ڪري ڇڏيو. ان تڪ مان جي يو آءِ اميدوار ڪامياب ٿيو هو جنهن جي ڪاميابيءَ خلاف مخالف اميدوار اليڪشن ٽربيونل ۾ عذرداري داخل ڪئي هئي، جنهن تي ٽربيونل 22 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

مزید خبریں