پاڪستان جي حڪومت، فوج ۽ وزيراعظم شهباز شريف هر مظلوم سان گڏ بيٺل آهن: راڻا مشهود احمد خان جي پريس ڪانفرنس

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته فيض ۽ نيازي ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، جنهن پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪيو، پاڪستان جي حڪومت، فوج ۽ وزيراعظم شهباز شريف هر ان مظلوم سان گڏ بيٺل آهن جنهن سان زيادتي ٿي رهي آهي، بِهار ۾ ٿيل واقعي تي انساني حقن جون تنظيمون ڪٿي گم آهن؟، انشاءَ …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته فيض ۽ نيازي ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، جنهن پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪيو، پاڪستان جي حڪومت، فوج ۽ وزيراعظم شهباز شريف هر ان مظلوم سان گڏ بيٺل آهن جنهن سان زيادتي ٿي رهي آهي، بِهار ۾ ٿيل واقعي تي انساني حقن جون تنظيمون ڪٿي گم آهن؟، انشاءَ الله پاڪستان جي غدارن کي سندن منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. پريس ڪانفرنس ۾ راڻا مشهود احمد خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏنل ٽاسڪ تحت پاڪستان جي نوجوانن کي گڏ ڪري رهيو آهيان، انهن کي با اختيار بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان، انهن کي پليٽ فارمز مهيا ڪري سندن زندگيون ٺاهڻ لاءِ وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ۽ الله جي فضل سان اسان جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن انهن ۾ پاڪستان جي نوجوانن لاءِ تعليم جي ميدان کان وٺي فني تعليم، آءِ ٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آرٽ اينڊ ڪلچر ۽ راندين جي ميدان ۾ هر پاسي اسان جي ٻارن کي عزت سان اڳيان وڌڻ جا موقعا ملي رهيا آهن. پاڪستان جو هر نوجوان ميرٽ ۽ پنهنجي قابليت جي بنياد تي اڳيان وڌڻ چاهي ٿو. هن چيو ته فيض ۽ نيازي جو ڳٺ جوڙ پاڪستان جي نوجوانن جو ذهن منتشر ڪيو ۽ انهن جي دلين ۾ زهر ڀريو، ان ڳٺ جوڙ پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪيو ۽ پاڪستان جي ٻارن جو مستقبل اونداهون ڪيو، اڄ پاڪستان جا نوجوان اهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا انهن کي اهڙي رستي تي هلايو ويو جنهن تي هلي نه ئي انهن جو مستقبل ٺهيو، پر انهن جي بنياد کي تباهه ڪيو ويو. انهن جا اڳيان وڌڻ جا رستا روڪيا ويا، نوجوانن جي انهن تباهين جو ذميوار ڪير آهي؟ هن چيو ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير کي ان ڳالهه جون مبارڪون ڏيان ٿو ته ادارن ۾ احتساب جو هڪ مثال قائم ڪيو، جنهن اندر اختيارن جي غلط استعمال تي احتساب هن پنهنجي اداري کان شروع ڪيو. اڄ پاڪستان جي نوجوانن لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو ويو آهي ته ڪو به آئين ۽ قانون کان مٿانهون ناهي، جيڪو آئين ۽ قانون خلاف ويندو ۽ پنهنجو پاڻ کي تمام وڏو طاقتور سمجهندو اهو احتساب جي دائري ۾ ايندو. هن چيو ته اها اسان جي ڪاميابي آهي ته روزانو ڪو نه ڪو پرڏيهي سربراهه پاڪستان اچي رهيو آهي. اسان جو وزيراعظم، سندس ٽيم ۽ اسان جو فيلڊ مارشل مختلف ملڪن ڏانهن وڃي انهن سان ڳالهيون ڪري معاهدا ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي نوجوانن جو مستقبل بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون وٺي رهيا آهن.

مزید خبریں