اسلام آباد - 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آرمي پبلڪ اسڪل پشاور سانحي جي 11 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي، ته اي پي ايس جي شهيدن جي عظيم قربانين کي قوم ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، 16 ڊسمبر 2014ع پاڪستان جي تاريخ جو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ آزمائش جو ڏينهن هو جنهن پوري قوم کي ڏک ۾ وجهي ڇڏيو. …
اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني آرمي پبلڪ اسڪل پشاور سانحي جي 11 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي، ته اي پي ايس جي شهيدن جي عظيم قربانين کي قوم ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، 16 ڊسمبر 2014ع پاڪستان جي تاريخ جو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ آزمائش جو ڏينهن هو جنهن پوري قوم کي ڏک ۾ وجهي ڇڏيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پيغام موجب سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم شاگردن ۽ استادن علم، امن ۽ انسانيت لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اهي قربانيون اسان جي قومي تاريخ جو روشن باب آهن ۽ هميشه عزت ۽ عقيدت سان ياد رکيون وينديون. سندس چوڻ هو ته اي پي ايس سانحي دهشتگردي خلاف قومي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ ان حقيقت کي اجاگر ڪيو ته دهشتگردي خلاف ڪاميابي لاءِ قومي يڪجهتي ۽ گڏيل جدوجهد اڻٽر آهي. هن هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن جون قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته دشمن عنصرن جا ناپاڪ عزم قوم جي پختي عزم سامهون لاڳيتو ناڪام ٿي رهيا آهن، دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين رياست جي جدوجهد جاري رهندي. هن واضح ڪيو ته دهشتگردي جو ڪو به مذهب يا قوم ناهي، دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن. هن چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهي جنهن جي پاڪستان ڀرپور مذمت ڪري ٿو، دهشتگردي عالمي مسئلو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي گڏيل ۽ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تعليم، برداشت، رواداري ۽ قانون جي بالادستي اڻٽر آهي. هن اي پي ايس جي شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته سندن ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي. هن جو چوڻ هو ته اي پي ايس جي شهيدن جون قربانيون هميشه زنده رهنديون ۽ قوم کين ڪنهن به وساري نٿي سگهي.










