اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي تخريبڪارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ ۽ انهن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليو جي ٽيم جي تحفظ تي مقرر پوليس اهلڪار جي شهادت ۽ هڪ …
وزيراعظم پاران باجوڙ ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ پوليو ٽيم تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي تخريبڪارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ ۽ انهن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليو جي ٽيم جي تحفظ تي مقرر پوليس اهلڪار جي شهادت ۽ هڪ شهري جي زخمي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي اهم خدمت سرانجام ڏيندڙن تي حملو انتهائي افسوسناڪ آهي، ملڪ مان پوليو جي خاتمي تائين اها مهم پوري تحريڪ سان جاري رهندي.










