وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي قومي ڏينهن تي بحرين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون

اسلام آباد-16 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بحرين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي بحرين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون پيش ڪندي پنهنجي بحريني هم منصب جنرل شيخ راشد عبدالله الخليفه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بحرين جي قيادت ويزن ملڪ کي ترقي جي روشن رستن ڏانهن آندو ۽ عوام جي زندگي جي معيار کي هٿي ڏيڻ لاءِ …

اسلام آباد-16 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بحرين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي بحرين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون پيش ڪندي پنهنجي بحريني هم منصب جنرل شيخ راشد عبدالله الخليفه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بحرين جي قيادت ويزن ملڪ کي ترقي جي روشن رستن ڏانهن آندو ۽ عوام جي زندگي جي معيار کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان رستا کوليا. هن چيو ته هر شعبي ۾ محنت ۽ عزم بحرين کي خطي ۾ استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جو مثال بڻائي ڇڏيو آهي. محسن نقوي تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر ۽ معاشرتي ترقي جي شعبن ۾ ٺوس منصوبه بندي کي ساراهيندي چيو ته بحرين روشن مستقبل ڏانهن وڌي رهيو آهي. وفاقي گهرو وزير پاڪستان ۽ بحرين جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي، دوستاڻا ۽ مضبوط لاڳاپا هميشه اعتماد، احترام ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي قائم رهيا آهن. هن ٻڌايو ته لکين پاڪستاني بحرين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بحرين جي تازي دوري دوران ٻنهي گهرو وزارتن وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. محسن نقوي دعا ڪئي ته بحرين جي ترقي، عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي تعمير جو روشن ۽ مسلسل سفر جاري رهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اڄ اسان بحرين سان دوستي، سهڪار ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا.

مزید خبریں