اسلام آباد-16 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڊيره اسماعيل خان ۾ خوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وزير چيو ته بهادر جوانن وقت سر ڪارروائي ڪندي 7 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. هن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽جرئتمنداڻن قدمن کي ساراهيندي چيو ته سندن ڪارروائي سبب وڏو خطرو ٽري ويو …
ريلوي واري وفاقي وزير طرفان ڊي آءِ خان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين، شهيد نائيڪ ياسر خان جي قرباني کي سلام

مزید خبریں
اسلام آباد-16 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڊيره اسماعيل خان ۾ خوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وزير چيو ته بهادر جوانن وقت سر ڪارروائي ڪندي 7 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. هن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽جرئتمنداڻن قدمن کي ساراهيندي چيو ته سندن ڪارروائي سبب وڏو خطرو ٽري ويو آهي. ان آپريشن دوران نائيڪ ياسر خان شهيد ٿي ويو. ريلوي واري وزير شهيد جي قرباني کي سلام پيش ڪندي چيو ته سندس شهادت قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي. ريلوي واري وزير شهيد نائڪ ياسر خان لاءِ مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ شهيد جي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن واضح ڪيو ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. ريلوي واري وزير دهشتگردي خلاف قومي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ آخري خوارج جي خاتمي تائين جاري رهندي.











