اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اي پي ايس پشاور سانحي جي معصوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته اهو واقعو اڃا تائين قوم کي سوڳوار بڻائڻ جو سبب آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ عبدالعليم خان شهيدن جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معصوم ٻارن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري …
دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اي پي ايس جي معصوم ٻارن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي: وفاقي وزير عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اي پي ايس پشاور سانحي جي معصوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته اهو واقعو اڃا تائين قوم کي سوڳوار بڻائڻ جو سبب آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ عبدالعليم خان شهيدن جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معصوم ٻارن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته اي پي ايس جا معصوم شهيد قوم جا هيرو آهن. اي پي ايس سانحو قربانين جي عظيم داستان آهي جنهن کي هميشه سنهري ۾ لکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل شاگردن تي اڌنڌا ڌنڌ فائرنگ ظلم جي انتها هئي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ان بزدلاڻي حملي سبب پاڪستان مستقبل جي ڪيترن ئي ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ استادن کان محروم ٿي ويو ۽ هن ڪيترن ئي والدين جي زندگين کي اونداهو بڻائي ڇڏيو. هن پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ واري حالت ۾ آهي. عبدالعليم خان دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ قوم ٻيهر ڪڏهن به اهڙو سانحو نه ڏسي.











