اي پي ايس جي سانحي جي شھيدن جون قربانيون ھميشه ياد رکيون وينديون، وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد - 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي اي پي ايس جي شھيدن جي ورسي جي موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته اي پي ايس سانحي جي شھيدن جون قربانيون ھميشه ياد رکيون وينديون، 16 ڊسمبر 2014ع ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن ھو. اي پي ايس جي سانحي جي ورسي جي موقعي تي پنھنجي …

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي اي پي ايس جي شھيدن جي ورسي جي موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته اي پي ايس سانحي جي شھيدن جون قربانيون ھميشه ياد رکيون وينديون، 16 ڊسمبر 2014ع ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن ھو. اي پي ايس جي سانحي جي ورسي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ ھن چيو ته اي پي ايس جي معصوم ٻارن جي شھادت سموري قوم کي دھشتگردي خلاف گڏ ڪيو، اي پي ايس جي شھيدن جي ياد ۾ اڄ به سموري قوم سوڳوار آھي. اي پي ايس جو سانحو پاڪستان جي تاريخ جو ھڪ نه وسارڻ جوڳو باب آھي. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو ته اي پي ايس جي سانحي جي شھيدن جون قربانيون ھميشه ياد رکيون وينديون، قوم اي پي ايس جي شھيدن جي وارثن سان اڄ به برابر جي شريڪ آھي. اورنگزيب کچي چيو ته اي پي ايس جي ٻارن جي قربانين دھشتگردي خلاف عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، سموري قوم دھشتگردي خلاف پاڪستاني فوج سان گڏ آھي.

مزید خبریں