اي پي ايس سانحي پوري قوم کي انتها پسندي خلاف متحد ڪيو: سردار اياز صادق

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي معصوم شهيدن جي 11هين ورسي جي موقعي تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان اسپيڪر سردار اياز صادق اي پي ايس سانحي کي تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو سانحو قرار ڏيندي دهشتگردي خلاف قومي اتحاد ۽ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اي پي ايس سانحي …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي معصوم شهيدن جي 11هين ورسي جي موقعي تي کين خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان اسپيڪر سردار اياز صادق اي پي ايس سانحي کي تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو سانحو قرار ڏيندي دهشتگردي خلاف قومي اتحاد ۽ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اي پي ايس سانحي جي شهيدن جون قربانيون دهشتگردي خلاف قومي اتحاد ۽ عزم جي علامت آهن، جڏهن ته ان سانحي سڄي قوم کي متحد ڪيو. هن شهيدن جي ڪٽنبن جي صبر کي پڻ پوري قوم لاءِ حوصلو قرار ڏنو. هن واضع ڪيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پارليامينٽ اثرائتي قانون سازي جي حمايت جاري رکندي. سردار اياز صادق فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي عزم جي ورجاءُ ڪندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين هي ادارو سُک سان نه ويهندو. سردار اياز صادق بلوچستان جي شهر خضدار ۾ اسڪول بس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج وانا تي حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ آهي. هن وڌيڪ چيو ته 16 ڊسمبر عزم، يڪجهتي ۽ محفوظ مستقبل جي تجديد جو ڏينهن آهي.

مزید خبریں