اي پي ايس جي معموم شھيدن جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آھن: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سيدال خان

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي جي 11 هين ورسي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته اي پي ايس جي معموم شھيدن جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آھن ۽ سڄي قوم انھن کي ھميشه ياد رکندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پيغام مطابق ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع پاڪستان جي …

اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي جي 11 هين ورسي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته اي پي ايس جي معموم شھيدن جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آھن ۽ سڄي قوم انھن کي ھميشه ياد رکندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پيغام مطابق ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ۽ آزمائش جو ڏينھن ھو، جڏھن دھشتگردن معصوم ٻارن ۽ استادن کي نشاڻو بڻائي انسانيت کي شرمنده ڪيو. اي پي ايس جي شھيدن علم، امن ۽ انسانيت لاءِ پنھنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته اي پي ايس سانحي جو ڏک اڄ به ھر پاڪستاني جي دل ۾ تازو آھي ۽ شھيدن جي وارثن جي صبر ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪيون ٿا. ھن چيو ته سڄي قوم شھيدن جي وارثن سان گڏ آھي ۽ انھن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آھي. سيدال خان واضح ڪيو ته دھشتگردي خلاف سڄي قوم ھٿياربند فوج سان گڏ آھي ۽ دھشتگرد ڪنھن به رعايت جا مستحق ناھن، ھٿياربند فوج دھشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عمل ۾ ڏينھن رات مصروف آھي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته چيف آف ڊيفنس فورسز فليڊ مارشل جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ دشمن عنصرن کي ناڪامي جو منھن ڏيڻو پھجي رھيو آھي ۽ دھشتگردي خلاف جنگ ۾ سموري قوم ۽ سمورا ادارا ھڪ زبان آھن. ھن عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دھشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جدوجھد جاري رکنداسين ۽ پاڪستان کي ھڪ پرامن، محفوظ ۽ روشن مستقبل ڏانھن کڻي وينداسين.

مزید خبریں