اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي تحقيقاتي رپورٽ انتهاپسند مودي حڪومت ۽ شڪست کاڌل ڀارتي فوج جي ڪوڙي ساک جو راز فاش ڪري ڇڏيو. برطانيه جي دفاعي رسالي ”ڪي ايرو ميگزين“ جي تحقيقي رپورٽ موجب حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان هٿان ذلت ڀري شڪست ڀارتي فضائيه لاءِ مستقل ڊيڄاريندڙ خواب بڻجي وئي آهي.ر پورٽ ۾ انڪشاف ڪيوو يو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي 52 منٽن جي فضائي …
عالمي دفاعي رپورٽ جو انڪشاف: 52 منٽن جي فضائي جنگ ۾ ڀارتي فضائيه جا 4 رافيل جهاز تباهه

مزید خبریں
اسلام آباد -16 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي تحقيقاتي رپورٽ انتهاپسند مودي حڪومت ۽ شڪست کاڌل ڀارتي فوج جي ڪوڙي ساک جو راز فاش ڪري ڇڏيو. برطانيه جي دفاعي رسالي ”ڪي ايرو ميگزين“ جي تحقيقي رپورٽ موجب حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان هٿان ذلت ڀري شڪست ڀارتي فضائيه لاءِ مستقل ڊيڄاريندڙ خواب بڻجي وئي آهي.ر پورٽ ۾ انڪشاف ڪيوو يو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي 52 منٽن جي فضائي جنگ ۾ ڀارتي فضائيه جا 4 رافيل جنگي جهاز تباهه ٿيا. رپورٽ موجب ڀارت انهن چئني جهازن جي سيريزل نمبرز سان گڏ واضح تصويرون به پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي ملٽي ڊومين آپريشنز ڀارتي فضائيه کي مفلوج بڻائي ڇڏيو ۽ ڀارتي پائليٽس بيوس ثابت ٿيا. ڀارتي فضائيه جي مجموعي نقصانن ۾ 4 رافيل ويڙهاڪ جهاز، مگ 29، ايس يو 30 ۽ هيرون ڊرون شامل آهن. رپورٽ موجب 10 مئي تي جي ايف -17 سي بلاڪ 3 اڌم پور ۾ڀ ارتي دفاعي نظام ايس-400 کي به ناڪاره بڻائي تباهه ڪيو، جڏهن ته پاڪستان فضائيه برنالا ۾ واقع ڀارتي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سستم کي تباهه ڪري ڀارتي فضائيه کي هڪ وڏو ڌڪ رسايو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان سائبر يونٽس ڀارت جي اٽڪل 96 سيڪڙو سوشل نيٽ ورڪس ۽ ڊجيٽل نظام کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. ۽ اهو پهريون موقعو هو جڏهن ڪنهن فضائيه سائبر ۽ رواتي عسڪري قدمن کي گڏ ڪري اثرائتي ڪارروائي. ان کان اڳ ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل انيل چوهان بلومبرگ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڀارتي جهازن جي تباهي تسليم ڪئي هئي.











